لوقا ‮تعارف‬

تعارف
لوقا جيڪو حڪيم هو، سو عيسيٰ مسيح جي پوئلڳن مان پڻ هڪ هو. هن جي معرفت مليل خوشخبريءَ جي لوقا نالي هن ٽئين مقدس ڪتاب ۾ عيسيٰ مسيح کي نہ فقط بني اسرائيل لاءِ واعدي ڪيل ڇوٽڪاري ڏيندڙ، بلڪ سڀني قومن لاءِ پڻ ڇوٽڪاري ڏيندڙ طور پيش ڪيو ويو آهي. هن مقدس ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ عيسيٰ مسيح کي خدا جي پاڪ روح ان لاءِ سڏيو هو تہ هو ”غريبن کي خوشخبري“ ڏئي (4‏:18). اهو ئي سبب آهي جو خوشخبريءَ جو هي مقدس ڪتاب ماڻهن جي سڀني قسمن جي ضرورتن جي فڪرمنديءَ سان ڀريو پيو آهي. هن مقدس ڪتاب ۾ خوشيءَ جي خبر بہ نمايان آهي، خاص ڪري شروعاتي بابن ۾، جيڪي عيسيٰ مسيح جي آمد جو اعلان ڪن ٿا ۽ وري آخر ۾ پڻ، جڏهن عيسيٰ مسيح مٿي آسمان ڏانهن کڄي وڃي ٿو. عيسيٰ مسيح جي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ کان پوءِ ايمان وارن جي تعداد ۾ واڌاري ۽ ڦهلاءَ جو قصو لوقا جي معرفت ”رسولن جا ڪم“ نالي مقدس ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي.
لوقا جي هن مقدس ڪتاب ۾ گھڻيون ئي اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن، جيڪي خوشخبريءَ جي ٻين مقدس ڪتابن ۾ نہ ٿيون ملن، جهڙوڪ: عيسيٰ مسيح جي پيدائش تي ملائڪن جو خدا جي واکاڻ ڪرڻ ۽ ريڍارن جو اچڻ، عيسيٰ مسيح جو ننڍپڻ ۾ هيڪل ۾ وڃڻ ۽ نيڪ سامريءَ ۽ وڃايل پٽ جا مثال. خوشخبريءَ جي هن سڄي مقدس ڪتاب ۾ هنن چئن ڳالهين تي بہ زور ڏنو ويو آهي، جهڙوڪ: دعا، پاڪ روح، عيسيٰ مسيح جو عورتن سان سلوڪ ۽ خدا کان گناهن جي معافي.
سِٽاءُ
منڍ 1‏:1‏-4
حضرت يحيٰ ۽ عيسيٰ مسيح جو ڄمڻ ۽ عيسيٰ مسيح جو ننڍپڻ 1‏:5‏–2‏:52
حضرت يحيٰ جو منادي ڪرڻ 3‏:1‏-20
عيسيٰ مسيح جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش 3‏:21‏–4‏:13
گليل علائقي ۾ عيسيٰ مسيح جو خدمت وارو ڪم ۽ تبليغ ڪرڻ 4‏:14‏–9‏:50
گليل کان يروشلم شهر ڏانهن سفر 9‏:51‏–19‏:27
عيسيٰ مسيح جو صليبي موت ۽ ان کان اڳ وارو آخري هفتو 19‏:28‏–23‏:56
عيسيٰ مسيح جو جيئرو ٿي اٿڻ، ڏيکاري ڏيڻ ۽ آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ 24‏:1‏-53

اکنون انتخاب شده:

لوقا ‮تعارف‬: SB

های‌لایت

به اشتراک گذاشتن

مقایسه

کپی

None

می خواهید نکات برجسته خود را در همه دستگاه های خود ذخیره کنید؟ برای ورودثبت نام کنید یا اگر ثبت نام کرده اید وارد شوید