10
ستر شاگردن کي موڪلڻ
1انهيءَ کان پوءِ خداوند ستر شاگرد ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو. 2#مت 9:37-38 هن کين هدايت ڪئي هئي تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي. 3#مت 10:16 وڃو، آءٌ اوهان ڄڻ تہ گھيٽڙن کي بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان. 4#مت 10:7-14، مر 6:8-11، لو 9:3-5 اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٿيلهو يا وڌيڪ جتي نہ کڻجو ۽ نہ واٽ تي ڪنهن کي سلام ڪرڻ ۾ ئي وقت وڃائجو. 5جنهن بہ گھر ۾ وڃو تہ پهريائين انهيءَ گھر جي سلامتي گھرجو. 6جيڪڏهن اتي ڪو سلامتيءَ جو طالب هوندو تہ اوهان جو اهو سلام مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو. 7#1.ڪر 9:14، 1.تيم 5:18 پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي. 8سو جنهن جنهن شهر ۾ وڃو اتي ائين ئي ڪجو، يعني جيڪڏهن اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول ڪن تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ اوهان کي آڻي ڏين سو کائجو. 9انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘ 10#رس 13:51 پر جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ وڃو ۽ اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ ان جي چونڪن تي بيهي هيئن چئجو تہ 11’اوهان جي شهر جي #10:11 مٽي... ڇنڊي وڃون ٿاڏسو لوقا 9:5.مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘ 12#پيد 19:24-28، مت 11:24، 10:15 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر جا ماڻهو سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“
بياعتقاد ماڻهن تي مصيبت
(متي 11:20-24)
13 #
يس 23:1-18، حز 26:1–28:26، يوا 3:4-8، عا 1:9-10، زڪ 9:2-4 تڏهن عيسيٰ بياعتقاد شهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيتصيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي ويهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها. 14سو قيامت جي ڏينهن تي اوهين صور ۽ صيدا وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا. 15#يس 14:13-15 اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آسمان کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا.“
16 #
مت 10:40، مر 9:37، لو 9:48، يو 13:20 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو خدا کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“
ستر شاگردن جو موٽي اچڻ
17پوءِ اهي ستر شاگرد ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آهن.“ 18عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”بيشڪ، مون شيطان کي شڪست کائي ائين ڪرندي ڏٺو آهي جيئن آسمان مان کِنوڻ اچيو ڪري. 19#زب 91:13 ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوهان کي ايذاءُ نہ رسائيندي. 20تنهن هوندي بہ انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوهان جي تابع ٿيا آهن، بلڪ هن ڪري خوش ٿيو جو اوهان جا نالا عرش عظيم تي اُڪريل آهن.“
خدا جا احسان مڃڻ
(متي 11:25-27، 13:16-17)
21انهيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“
22 #
يو 3:35، 10:15 شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پيءُ ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“
23پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانهن ڦري انهن کي اڪيلائيءَ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين جو هي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا. 24آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاهن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو سو اهي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“
نيڪ سامريءَ جو مثال
25 #
مت 22:35-40، مر 12:28-34 تنهن کان پوءِ شريعت جو هڪڙو عالم اُٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“ 26تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آهي؟ تون اهو پڙهي ڇا ٿو سمجھين؟“ 27#لاو 19:18، شر 6:5 هن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“ 28#لاو 18:5 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”برابر، تو صحيح جواب ڏنو آهي. هاڻي وڃي ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“
29پر هن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کان پڇيو تہ ”منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟“ 30عيسيٰ وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو شهر ڏانهن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاهي ورتس ۽ سخت مار ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس. 31اتفاق سان هڪڙو ڪاهن انهيءَ رستي کان پئي لنگھيو، تنهن جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاسو ڪري هليو ويو. 32ساڳيءَ طرح هڪڙو لاوي بہ انهيءَ رستي سان آيو، سو بہ هن کي ڏسي پاسو ڪري هليو ويو. 33#2.توا 28:15 پوءِ هڪڙو سامري سفر ڪندي اچي اتان لانگھائو ٿيو. ان جڏهن هن کي ڏٺو تڏهن کيس هن تي ڪهل آئي. 34هن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنهنجي گڏهہ تي چاڙهي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس خدمت ڪيائين. 35ٻئي ڏينهن تي چانديءَ جا ٻہ سڪا ڪڍي مسافرخاني واري کي ڏنائين ۽ چيائينس تہ ’هن جي خدمت ڪندو رهہ ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي سو آءٌ وري موٽي اچي ڏيندوسانءِ.‘“
36پوءِ عيسيٰ شريعت جي عالم کان پڇيو تہ ”هاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اهو شخص جيڪو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنهن جو هنن ٽنهي ڄڻن مان ڪير حقيقي پاڙيسري ٿيو؟“ 37تنهن تي شريعت جي عالم وراڻيس تہ ”اهو جنهن کي مٿس ڪهل آئي.“ عيسيٰ چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“
عيسيٰ مسيح جو مارٿا ۽ مريم جي گھر ۾ اچڻ
38 #
يو 11:1
عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت هلندي هلندي هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جتي مارٿا نالي هڪڙي عورت پنهنجي گھر ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪيو. 39ان عورت جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون. 40مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“ 41پر خداوند وراڻيس تہ ”مارٿا! اي مارٿا! تون گھڻين ڳالهين جي فڪر ۽ پريشانيءَ ۾ آهين، 42جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“