لوقا 11

11
دعا بابت تعليم
(متي 6‏:9‏-13، 7‏:7‏-11)
1هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏهن هو دعا گھري چڪو تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي چيس تہ ”اي استاد! جهڙيءَ طرح يحيٰ پنهنجي شاگردن کي دعا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“ 2عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين دعا گھرو تہ هيئن چئجو تہ
’اي بابا! شل تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،
۽ تنهنجي بادشاهي اچي.
3اسان جي روزانو واري ماني اسان کي هر روز ڏي.
4اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر،
ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن
تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون.
ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“
5پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”فرض ڪريو تہ اوهان منجھان ڪنهن کي ڪو دوست هجي ۽ اڌ رات جو انهيءَ وٽ وڃي کيس چوي تہ ’اي دوست! مون کي ٽي مانيون اڌاريون ڏي، 6ڇاڪاڻ تہ منهنجو هڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آهي ۽ مون وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي هن جي اڳيان رکان.‘ 7تڏهن اوهان جو دوست اوهان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. هن مهل در بند آهي ۽ آءٌ پنهنجي ٻارن سان گڏ ستل آهيان، تنهنڪري آءٌ اُٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘ 8آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو. 9انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ، 10ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي تنهن کي لڀندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ کلندو آهي. 11ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پيءُ آهي جنهن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟ 12يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ هو وِڇون ڏئيس؟ 13جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آسمان وارو پيءُ اوهان گھرڻ وارن کي پاڪ روح ڪونہ ڏيندو ڇا؟“
عيسيٰ مسيح ۽ بعل‌زبول
(متي 12‏:22‏-30، مرقس 3‏:20‏-27)
14هڪڙي دفعي عيسيٰ اهڙي ماڻهوءَ مان ڀوت ڪڍي رهيو هو جيڪو ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ منجھس گونگو ڪرڻ وارو ڀوت هو. جڏهن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ان ماڻهوءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو. اهو ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا. 15#مت 9‏:34، 10‏:25 تڏهن انهن مان ڪن چيو تہ ”عيسيٰ ڀوتن جي سردار #11‏:15 بعل‌زبول يعني شيطان (ڏسو متي 10‏:25 پڻ).بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي،“ 16#مت 12‏:38، 16‏:1، مر 8‏:11 جڏهن تہ ٻين وري آزمائڻ لاءِ چيس تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“ 17پر عيسيٰ انهن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بادشاهت ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سا برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو گھر تباهہ ٿيو وڃي. 18سو جيڪڏهن شيطان جي بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوي تہ اها ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟ اوهين چئو ٿا تہ آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان. 19جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا. 20پر جيڪڏهن آءٌ خدا جي قدرت سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي پهتي آهي.
21جڏهن ڪو طاقت وارو ماڻهو پنهنجا هٿيار پنهوار ٻڌي پنهنجي گھر جو پهرو ٿو ڏئي تہ سندس سڀ مال‌متاع سلامت ٿو رهي. 22پر جڏهن ان کان بہ وڌيڪ طاقتور ماڻهو حملو ڪري مٿس غالب ٿو پوي، تڏهن کانئس هٿيار پنهوار کسي ٿو وٺي، جن تي هن کي ڀروسو هو ۽ پوءِ سندس مال ڦُري ورهائي ٿو ڇڏي.
23 # مر 9‏:40 جيڪو مون سان نہ آهي، سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي.“
ڀوتن جو موٽڻ
(متي 12‏:43‏-45)
24عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ڪنهن ماڻهوءَ مان نڪري ٿو وڃي تہ اهو ويران هنڌن ۾ اهڙي جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو جتي هو آرام ڪري سگھي. جڏهن آرام نہ ٿو مليس تڏهن چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي انهيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو هئس.‘ 25سو جڏهن هو موٽي اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي، 26تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ وڌيڪ بدتر ٿي پوي ٿي.“
سڀاڳا ڪير؟
27عيسيٰ اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان هڪڙيءَ عورت وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو پيٽ جنهن ۾ اوهين رهيا ۽ اها ڇاتي جيڪا اوهان ڌاتي.“ 28تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي خدا جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“
نشانيءَ جي گھُر کي رد ڪرڻ
(متي 12‏:38‏-42)
29 # مت 16‏:4، مر 8‏:12 جيئن پوءِ تيئن عيسيٰ جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان خدائي نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي. 30#يون 3‏:4 جيئن نينواہ شهر جي ماڻهن لاءِ يونس هڪڙو نشان بڻيو، تيئن هن زماني جي ماڻهن لاءِ ابنِ آدم بہ هڪ نشان بڻبو. 31#1.با 10‏:1‏-10، 2.توا 9‏:1‏-12 قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ سليمان بادشاهہ جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ عظيم آهي. 32#يون 3‏:5 نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يونس جي تبليغ تي ئي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يونس کان بہ عظيم آهي.“
خدا جي ڳالهين جي روشني اندر ۾ رکڻ
(متي 5‏:15، 6‏:22‏-23)
33 # مت 5‏:15، مر 4‏:21، لو 8‏:16 ”ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي روشني ملي. 34اوهان جون اکيون اوهان جي بدن لاءِ ڏيئي مثل آهن، سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو بدن روشن هوندو. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر غلط پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو بدن اونداهيءَ ۾ غرق هوندو. 35تنهنڪري خيال رکو تہ اوهان جي اندر ۾ اونداهي نہ هجي بلڪ خدا جي ڳالهين جي روشني هجي. 36جيڪڏهن اوهان جي اندر ۾ پوري پوري روشني هوندي ۽ ڪنهن بہ ڪنڊڪڙڇ ۾ اونداهي نہ هوندي تہ انهيءَ جو مثال ڏيئي جي ان روشنيءَ وانگر هوندو جيڪا اوهان کي روشن ٿي ڪري.“
فريسين ۽ شريعت جي عالمن تي ملامت ڪرڻ
(متي 23‏:1‏-36، مرقس 12‏:38‏-40)
37عيسيٰ جڏهن ڳالهائي بس ڪئي تہ هڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو هو اندر ويو ۽ دسترخوان تي ويهي ماني کائڻ لڳو. 38فريسي هي ڏسي حيران ٿي ويو تہ کائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ سندن رسم موجب هٿ ڇو ڪين ڌوتا. 39تڏهن خداوند چيس تہ ”اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر هٻڇ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آهي. 40اي بي‌وقوفؤ! جنهن خالق اوهان جو ٻاهر ٺاهيو آهي، ڇا تنهن ئي اوهان جو اندر نہ ٺاهيو آهي؟ 41پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ خيرات ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پاڪ ٿي پوندو.
42 # لاو 27‏:30 ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي فريسيؤ! جو اوهين خدا جي راهہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ هر ڪنهن ڀاڄيءَ جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها. 43اي فريسيؤ! مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين عبادت‌خاني ۾ اعليٰ درجي جي جاين تي ويهڻ ۽ بازارن ۾ ماڻهن جا سلام پسند ڪريو ٿا. 44مصيبت آهي اوهان لاءِ، ڇاڪاڻ تہ اوهين انهن بي‌نشان قبرن جي مثل آهيو، جيڪي گندگيءَ سان ڀريل آهن ۽ ماڻهو مٿائن بي‌خبريءَ ۾ لنگھين ٿا.“
45تڏهن شريعت جي هڪڙي عالم چيس تہ ”اي استاد! هي جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن ۾ اسان جي بہ بي‌عزتي ٿا ڪريو.“ 46تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو. 47مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين نبين جا قبا ٿا ٺاهيو، جن کي اوهان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو هو. 48انهن قبن ٺاهڻ سان اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي حمايت ڪندي ڄڻ شاهدي ٿا ڏيو تہ جيڪي قتل انهن ڪيا سي اوهان کي قبول آهن. 49اوهان جي انهن ڪمن جي ڪري ئي خدا پنهنجي حڪمت سان بيان فرمايو تہ ’آءٌ پنهنجي نبين کي اوهان وٽ موڪليندس، جن مان اوهين ڪن کي ستائيندا ۽ ڪن کي تہ ماري ڇڏيندا.‘ 50سو دنيا جي شروعات کان وٺي جن نبين جو رت وهايو ويو آهي، تن جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو. 51#پيد 4‏:8، 2.توا 24‏:20‏-21 مطلب تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو هو، تن سڀني جي خون جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو. 52مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ! جو اوهين پاڻ تہ خدا جي ڳالهين جي سمجھہ نہ ٿا رکو، بلڪ جيڪي انهن کي سمجھڻ چاهين ٿا تن کي بہ اوهين روڪيو ٿا.“
53پوءِ عيسيٰ اتان هليو ويو. تڏهن کان وٺي شريعت جا عالم ۽ فريسي سندس سخت مخالف ٿي پيا ۽ کيس ڦاسائڻ لاءِ کانئس طرح طرح جا سوال پڇڻ لڳا، 54انهيءَ لاءِ جو هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ هو سندس چيل ڪا ڳالهہ پڪڙي وٺن.

Tällä hetkellä valittuna:

لوقا 11: MSB

Korostus

Jaa

Kopioi

None

Haluatko, että korostuksesi tallennetaan kaikille laitteillesi? Rekisteröidy tai kirjaudu sisään