پيدائش 15
15
ابرام سان خدا جو عهد
1تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“ 2-3پر ابرام جواب ڏنو تہ ”اي خداوند خدا! تنهنجي انعام مان مون کي ڪهڙو فائدو پهچندو، ڇو تہ آءٌ بياولاد آهيان؟ منهنجو وارث تہ رڳو منهنجي گھر جو نوڪر اليعزر دمشقي آهي. جيئن تہ تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، سو اهو ئي منهنجي ملڪيت جو وارث ٿيندو.“ 4پوءِ هن خداوند کي وري پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌو تہ ”اليعزر تنهنجو وارث نہ ٿيندو، پر تنهنجو پنهنجو پٽ تنهنجو وارث ٿيندو.“ 5#رو 4:18، عبر 11:12 پوءِ خداوند کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”آسمان ڏانهن نهار ۽ تارن کي ڳڻڻ جي ڪوشش ڪر. تو کي ايترو ئي اولاد ٿيندو جيترا اهي تارا آهن.“ 6#رو 4:3، گل 3:6، يع 2:23 ابرام خداوند تي يقين ڪيو، انهيءَ ڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.
7پوءِ خداوند کيس چيو تہ ”آءٌ خداوند ئي آهيان جنهن تو کي ڪسدين جي اُور شهر مان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ هي ملڪ تو کي ميراث ڪري ڏيان.“ 8پر ابرام پڇيو تہ ”اي خداوند خدا! مون کي ڪيئن خبر پوي تہ آءٌ هن ملڪ جو وارث ٿيندس؟“ 9خداوند جواب ڏنس تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙو ٽسالو گابو، هڪڙي ٽسالي ٻڪري، هڪڙو ٽسالو گھيٽو، هڪڙي ڳيري ۽ هڪڙو ڪبوتر وٺي اچ.“ 10ابرام خدا لاءِ اهي سڀ وٺي آيو. انهن کي وچان وڍي ٻہ اڌ ڪيائين ۽ اهي اڌ هڪٻئي جي سامهون رکيائين. پر پکين کي ٻہ اڌ نہ ڪيائين. 11پوءِ انهن ٽُڪرن تي ڳجھون اچي لٿيون، پر ابرام انهن کي پري هڪلي ڇڏيو.
12 #
ايو 4:13-14
سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ اچي ويئي ۽ وڏي هيبتناڪ اونداهي مٿس ڇانئجي ويئي. 13-15#خر 1:1-14، 12:40-41، رس 7:6،7 تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مالمتاع هوندو. 16سو چئن پيڙهين کان پوءِ تنهنجو اولاد هتي موٽي ايندو، ڇاڪاڻ تہ امورين جي بدڪاري اڃا تائين پنهنجي حد کي نہ پهتي آهي جو کين سزا ڏئي هڪالي ڪڍان.“
17پوءِ جڏهن سج لهي چڪو ۽ اوندهہ ٿي، تڏهن هڪ دکندڙ تنور ۽ هڪڙي ٻرندڙ مشعل اوچتو انهن جانورن جي ٻنهي پاسي وارن ٽُڪرن وچان لنگھندي ڏسڻ ۾ آئي. 18#رس 7:5 انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان، 19جنهن ۾ هنن سڀني قومن جا علائقا شامل آهن: قيني، قنزي، قدموني، 20حِتي، فرزي، رفائي، 21اموري، ڪنعاني، جِرجاشي ۽ يبوسي.“
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.