پيدائش 16
16
هاجرہ ۽ اسماعيل
1ابرام جي زال سارائي کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. جيئن تہ کيس هاجرہ نالي هڪ مصري ٻانهي هئي، 2سو سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ”خداوند مون کي اولاد کان محروم رکيو آهي. تنهنڪري تون ڇو نہ منهنجي انهيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃين. شايد انهيءَ مان مون کي ڪو ٻار ملي.“ ابرام سارائيءَ جي ڳالهہ قبول ڪئي. 3تڏهن سارائيءَ پنهنجي مڙس کي پنهنجي ٻانهي هاجرہ زال ڪري ڏني. ان وقت تائين ابرام کي ڪنعان ملڪ ۾ رهندي ڏهہ سال ٿي ويا هئا.
4ابرام هاجرہ وٽ ويو تہ هوءَ پيٽ سان ٿي. جڏهن کيس خبر پيئي تہ ”مون کي پيٽ ٿيو آهي،“ تڏهن هوءَ فخر ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ کي حقير سمجھڻ لڳي. 5تڏهن سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ”اهو سڀ تنهنجو قصور آهي جو هاجرہ مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. مون پاڻ اها تو کي ڏني هئي، پر جڏهن کان هوءَ پيٽ سان ٿي آهي تڏهن کان مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. شل خداوند انصاف ڪري تہ تو ۽ مون مان ڪير حق تي آهي.“ 6ابرام جواب ڏنو تہ ”چڱو، هوءَ تنهنجي ٻانهي آهي ۽ تنهنجي هٿ ۾ آهي. سو جيئن تو کي وڻي تيئن تون ساڻس ڪر.“ پوءِ سارائيءَ هاجرہ کي ايتري تہ تڪليف ڏني جو هوءَ ڀڄي نڪتي.
7 خداوند پنهنجي ملائڪ جي وسيلي هاجرہ کي شور جي رستي تي رڻپٽ ۾ پاڻيءَ جي هڪ چشمي وٽ گڏيو. 8هن کيس چيو تہ ”اي سارائيءَ جي ٻانهي هاجرہ! تون ڪٿان ٿي اچين ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ وٽان ڀڄي نڪتي آهيان.“ 9خداوند چيس تہ ”تون هن وٽ موٽي وڃ ۽ سندس ٻانهي ٿي رهہ.“ 10پوءِ هن وڌيڪ چيس تہ ”آءٌ تنهنجي اولاد کي ايترو تہ وڌائيندس جو ڪوبہ انهن جو شمار نہ ڪري سگھندو. 11تون پيٽ سان آهين ۽ پٽ ڄڻيندينءَ. تون انهيءَ جو نالو #16:11 اسماعيل اهو عبراني نالو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا ٻڌي ٿو.“اسماعيل رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند تنهنجي ڏک جي دانهن ٻڌي آهي. 12جيئن جھنگلي گڏهہ آزاد رهندو آهي، تيئن تنهنجو پٽ بہ آزاد ۽ خود مختيار رهندو. هو پنهنجي سڀني مائٽن کان الڳ اوڀر طرف رهندو.“
13هاجرہ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو تہ ”ڇا مون سچ پچ خدا کي ڏٺو آهي ۽ پوءِ بہ جيئري آهيان؟“ سو جنهن ساڻس ڳالهايو هو تنهن جو نالو هن ”ڏسندڙ خدا“ رکيو. 14انهيءَ ڪري ماڻهو ان کوهہ کي جيڪو قادش ۽ برد جي وچ ۾ آهي، ”ڏسندڙ جيئري خدا جو کوهہ“ سڏيندا آهن. 15#گل 4:22 هاجرہ کي ابرام مان هڪ پٽ ڄائو ۽ ابرام انهيءَ جو نالو اسماعيل رکيو. 16تنهن وقت ابرام جي عمر ڇهاسي سال هئي.
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.