لوقا 24
24
1پر هفتي جي پهرئين ڏينهن ڍڪيءَ جو، جيڪي سرهاڻيون تيار ڪيون هئائون، سي کڻي قبر تي آيون. 2۽ اچي ڏسن تہ پهڻ ليٽيو قبر کان پاسي ٿيو پيو آهي. 3۽ جڏهن اندر گهڙيون، تہ ڏسن تہ خداوند يسوع جو لاش آهي ئي ڪونہ. 4۽ اڃا انهي ڪري هو وائڙيون ٿيون بيٺيون هيون، تہ ڏسو، ٻہ ماڻهو چمڪندڙ پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا. 5تنهن تي هو ڊڄي ويون، ۽ جهٽ کڻي زمين تي سر جهڪايائون، تڏهن هنن چين تہ اوهين جيئري کي مُئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟ 6هو هت ڪونهي، پر جي اُٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن اڃا هو گليل ۾ هو، تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين، 7تہ ضروري آهي تہ ابن آدم کي گنهگارن جي حوالي ڪن، ۽ صليب تي چاڙهين، ۽ هو ٽئين ڏينهن وري جي اُٿي. 8۽ هنن کي سندس ڳالهيون ياد آيون، 9۽ انهن قبر تان موٽي اچي هنن يارهن ۽ ٻين سڀني سان سڄو ذڪر ڪيو. 10اُهي مريم مگدليني ۽ يوعانا، ۽ يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون بہ جيڪي اُنهن سان هيون، تن رسولن سان اهي ڳالهيون ڪيون. 11پر هنن اهي ڳالهيون آکاڻيءَ طور ڪري ڀانئيون، ۽ کين اُهي اعتبار ۾ ئي ڪين آيون. 12پر پطرس اُٿي قبر ڏانهن ڊوڙيو، ۽ نِوڙي اندر نهاريائين تہ ڏسي تہ رڳا ڪفن جا ڪپڙا پيا آهن؛ ۽ جيڪي ٿيو هو، تنهن تي عجب کائيندو گهر موٽيو.
13ڏسو، اُنهي ساڳئي ڏينهن منجهانئن ٻہ ڄڻا، امائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جو يروشلم کان پوڻا چار ڪوهہ پري هو، 14۽ اهي سڀ جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن بابت پاڻ ۾ ڳالهيون پئي ڪيائون. 15۽ هيئن ٿيو تہ جيئن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون پئي ڪيائون ۽ سوال پئي پڇيائون، تہ يسوع پاڻ ويجهو اچي ساڻن گڏ هلڻ لڳو. 16پر هنن جون اکيون روڪجي ويون هيون، جيئن هن کي نہ سڃاڻن. 17۽ هن چين تہ اوهين پاڻ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا پيا وڃو؟ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا. 18پوءِ اُنهن مان ڪليوپاس نالي هڪڙي شخص جواب ڏيئي چيس، تہ يروشلم ۾ تون ئي هڪڙو آهين ڇا، جنهن کي خبر ڪانهي تہ اڄ ڪلهہ اُتي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي گذريون آهن؟ 19۽ هن چين تہ ڪهڙيون؟ تڏهن هنن چيس تہ يسوع ناصريءَ بابت، جو خدا توڙي ساري خلق اڳيان رهڻيءَ توڙي ڪهڻيءَ ۾ پهچ وارو نبي هو. 20۽ ڪهڙيءَ طرح سردار ڪاهنن ۽ اسان جي حاڪمن کڻي جهلايس، تہ موت جي سزا مليس، ۽ صليب تي چاڙهيائونس. 21پر اسان کي اُميد هئي تہ هن جي ئي هٿان اسرائيل جو ڇوٽڪارو ٿيندو. انهن ڳالهين کي اڄ هي ٽيون ڏينهن ٿيو آهي. 22ٻيو تہ انهي کانسواءِ اسان منجهان ڪي زالون جي اسر جو قبر تي ويون هيون، تن تہ اسان کي حيرانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، 23جو جڏهن انهن سندس لاش نہ لڌو، تڏهن اچي چوڻ لڳيون تہ اسان کي ملائڪن پڻ ڏيکاري ڏني آهي، جن چيو ٿي تہ هو جيئرو آهي. 24۽ ڪي اسانجن سنگتين مان بہ قبر تي ويا هئا، ۽ جيئن زالن چيو هو، تيئن وڃي ڏٺائون؛ پر هو خود ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. 25تڏهن هن اُنهن کي چيو تہ اي نادان، ۽ نبين جي چئي مڃڻ ۾ بي پرواهہ! 26ڇا مسيح کي ضرور ڪين هو تہ هي ڏک سهي، ۽ پوءِ پنهنجي جلال ۾ گهڙي؟ 27پوءِ موسيٰ ۽ ٻين نبين کان وٺي سندس بابت جيڪي ڳالهيون مڙني پاڪ لکيتن ۾ هيون، سي انهن کي کولي ٻُڌائڻ لڳو. 28۽ جنهن ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، تنهن کي اچي اوڏو پيا، ۽ هن اهڙو رخ رکيو جو ڄڻ اڳتي وڃڻو اٿس. 29تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو. 30۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سان گڏ کائڻ ويٺو، تڏهن ماني کڻي اُن تي برڪت گهُريائين، ۽ پوءِ اُها ڀڃي هنن کي ڏنائين. 31تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ سڃاتائونس؛ تہ ايتري ۾ هو نظر کان غائب ٿي وين. 32تنهن تي هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ جنهن مهل رستي تي اسان سان ڳالهيون پئي ڪيائين، ۽ پاڪ لکيتن جا راز اسان کي پي سمجهايائين، تنهن مهل اسان جي دل اندر ۾ ڪين پئي اُڇلون کاڌيون؟ 33۽ اوڏيءَ مهل هو اُٿي کڙا ٿيا، ۽ يروشلم ڏانهن موٽي آيا، ۽ اچي ڏسن تہ اهي يارهن ۽ سندس ساٿي سڀ پاڻ ۾ مڙيا ويٺا آهن، 34۽ پيا چون تہ خداوند سچ پچ جي اُٿيو آهي، ۽ شمعون کي پاڻ ڏيکاريو اٿس. 35تنهن تي رستي تي جيڪي ٿي گذريو هو، ۽ ڪيئن هنن مانيءَ ڀڃڻ مهل سڃاتس، سو هنن سربستو بيان ڪري ٻڌاين.
36۽ اڃا هنن اهي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ يسوع خود اچي وچ ۾ بيٺن، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم. 37پر هو دهلجي ويا، ۽ ڊپ وٺي وين؛ ۽ ڀانيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون. 38هن چين تہ ڇو مُنجهي پيا آهيو، ۽ اوهان جي دل ۾ ڇو پيا دليل جاڳن؟ 39منهنجا هٿ ۽ پير ڏسو، تہ آئون اُهوئي آهيان؛ هٿ لائي ڏسوم؛ ڇالاءِ تہ جهڙا هڏا ۽ گوشت مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آهن. 40۽ ائين چئي هنن کي پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريائين. 41۽ اڃا هنن کي خوشيءَ وچان اعتبار ئي نٿي آيو، ۽ حيرت ۾ هئا، تہ هن چين تہ اوهان وٽ هتي ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟ 42تنهن تي هنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو ڏنس، 43۽ اُهو وٺي سندن اڳيان ويهي کاڌائين.
44پوءِ چيائين تہ جڏهن اڃا آئون اوهان سان هوس، تڏهن اهي ڳالهيون مون اوهان سان ڪيون هيون، تہ منهنجي بابت جيڪي موسيٰ جي توريت، ۽ نبين جي ڪتابن، ۽ زبور ۾ لکيل آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو. 45پوءِ هنن جو ذهن کوليائين، تہ پاڪ لکيتن جي سمجهہ پوينِ. 46۽ چوڻ لڳن تہ هيئن لکيل آهي تہ مسيح ڏک سهي، ۽ ٽئين ڏينهن مُئلن مان جي اُٿي، 47۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي. 48اوهين انهن ڳالهين جا شاهد آهيو. 49۽ ڏسو، تہ جنهن جو منهنجي پيءُ انجام ڪيو آهي، سو اوهان تي نازل ڪندس؛ پر جيسين ڪ اوهان کي مٿان طاقت نہ ملي، تيسين شهر ۾ رهجو. 50۽ هو کين ٻاهر بيت عنياہ جي سامهون وٺي آيو ۽ هٿ کڻي کين برڪت ڏنائين. 51۽ هيئن ٿيو، جو برڪت ڏيندي هنن کان جدا ٿي آسمان ۾ کڄي ويو. 52۽ هنن کيس سجدو ڪيو، ۽ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان يروشلم ۾ موٽي آيا. 53۽ هر دم هيڪل ۾ وڃي خدا جي تعريف ڪندا رهيا.
Chwazi Kounye ya:
لوقا 24: SB62
Pati Souliye
Pataje
Kopye
Ou vle gen souliye ou yo sere sou tout aparèy ou yo? Enskri oswa konekte
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.