1
متي 33:6
Hindu Sindhi Bible
پر اوهين پهريائين هن جي راڄ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.
Mampitaha
Mikaroka متي 6:33
2
متي 34:6
سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“
Mikaroka متي 6:34
3
متي 25:6
تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ شرير ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟
Mikaroka متي 6:25
4
متي 6:6
پر جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پتا آڏو پرارٿنا ڪريو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو.
Mikaroka متي 6:6
5
متي 9:6-10
تہ پوءِ هن ريت پرارٿنا ڪريو تہ ’اي اسان جا پتا! تون جيڪو آڪاش تي آهين، شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي، ۽ تنهنجو راڄ اچي. تنهنجي مرضي جيئن آڪاش تي پوري ٿئي ٿي، تيئن ڌرتيءَ تي بہ ٿئي.
Mikaroka متي 6:9-10
6
متي 11:6
اسان جي روزانو واري روٽي اڄ اسان کي ڏي.
Mikaroka متي 6:11
7
متي 12:6
اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون.
Mikaroka متي 6:12
8
متي 13:6
اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘
Mikaroka متي 6:13
9
متي 14:6
سو جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندو.
Mikaroka متي 6:14
10
متي 26:6
پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آڪاش وارو پتا انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟
Mikaroka متي 6:26
11
متي 19:6-21
”اوهين هن سنسار ۾ پنهنجي لاءِ خزانو گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباهہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ هڻي چوري ڪن ٿا. بلڪ پنهنجو خزانو ايشور وٽ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ ان کي تباهہ ڪري سگھن ٿا ۽ نہ وري چور کاٽ هڻي چورائي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ اوهان جي دل بہ اتي ئي هوندي.“
Mikaroka متي 6:19-21
12
متي 24:6
”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.
Mikaroka متي 6:24
13
متي 30:6
ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي!
Mikaroka متي 6:30
14
متي 3:6-4
جڏهن اوهين دان ڏيو تہ اوهان جي کاٻي هٿ کي اها سڌ نہ پوي تہ ساڄو هٿ ڇا ٿو ڪري، تہ جيئن اوهان جو دان ڏيڻ ڳجھو رهي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو.“
Mikaroka متي 6:3-4
15
متي 1:6
”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اوهان کي پنهنجي آڪاش واري پتا وٽان ڪوبہ لاڀ نہ ملندو.
Mikaroka متي 6:1
16
متي 16:6-18
”جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پاکنڊين وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن وِرت رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي. پر جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو، تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پتا جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي وِرت سان سمجھي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي لاڀ ڏيندو.“
Mikaroka متي 6:16-18
Fidirana
Baiboly
Planina
Horonan-tsary