اڳتي هر ڇوڪرو جڏهن اٺن ڏينهن جو ٿئي تہ توهين انهيءَ جو طهر ڪرايو، انهن غلامن جو بہ جيڪي اوهان جي گھرن ۾ ڄاول هجن يا ڌارين کان خريد ڪيل هجن. اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ٻڌل عهد جي نشاني هوندو. هر ڪنهن مرد جو طهر ضرور ٿيل هجي. اها هڪ جسماني نشاني هوندي، اهو ڏيکارڻ لاءِ تہ اوهان سان منهنجو عهد دائمي آهي.