Лого на YouVersion
Икона за пребарување

پيدائش 17

17
ابرام جي نالي جي تبديلي
1جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ. 2آءٌ تو سان هڪ عهد ٻڌندس جنهن مطابق تو کي گھڻو اولاد ڏيندس.“ 3تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس هم‌ڪلام ٿي چيو تہ 4”تو سان منهنجو عهد هي آهي تہ تون گھڻين ئي قومن جو پيءُ ٿيندين. 5#رو 4‏:17 اڳتي تنهنجو نالو ابرام نہ پر #17‏:5 ابراهيم هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”گھڻين ئي قومن جو پيءُ.“ابراهيم سڏبو، ڇو تہ آءٌ تو کي گھڻين ئي قومن جو پيءُ بڻايان ٿو. 6آءٌ تو کي گھڻو اولاد ڏيندس ۽ انهن مان ڪي بادشاهہ ٿيندا. تو کي ايترو تہ اولاد ٿيندو جو اهي مختلف قومون بڻجي پوندا. 7#لو 1‏:55 آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس. 8#رس 7‏:5 آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“
طهر، عهد جي نشاني
9پوءِ خدا ابراهيم کي چيو تہ ”تون ۽ تنهنجو اولاد سڀني پيڙهين تائين منهنجي عهد کي مڃيندا رهجو. 10#رس 7‏:8، رو 4‏:11 جيڪو عهد منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ آهي، جنهن تي اوهين هميشہ قائم رهندا ايندا، تنهن جي نشاني هيءَ آهي تہ تون ۽ تنهنجي اولاد مان هر هڪ مرد پنهنجو طهر ڪرائي. 11‏-12اڳتي هر ڇوڪرو جڏهن اٺن ڏينهن جو ٿئي تہ توهين انهيءَ جو طهر ڪرايو، انهن غلامن جو بہ جيڪي اوهان جي گھرن ۾ ڄاول هجن يا ڌارين کان خريد ڪيل هجن. اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ٻڌل عهد جي نشاني هوندو. 13هر ڪنهن مرد جو طهر ضرور ٿيل هجي. اها هڪ جسماني نشاني هوندي، اهو ڏيکارڻ لاءِ تہ اوهان سان منهنجو عهد دائمي آهي. 14اڳتي جنهن بہ مرد جو طهر ٿيل نہ هوندو تنهن ڄڻ منهنجو عهد ٽوڙيو آهي، سو انهيءَ کي تنهنجي نسل مان خارج ڪيو وڃي.“
سارائيءَ جو نالو تبديل ٿيڻ
15پوءِ خدا ابراهيم کي چيو تہ ”اڳتي تون پنهنجيءَ زال کي سارائي نہ سڏ، هاڻي کان وٺي انهيءَ جو نالو #17‏:15 سارہ ان جي عبراني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي ”شهزادي.“سارہ آهي. 16آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ انهيءَ جي پيٽان تو کي هڪڙو پٽ ڏيندس. آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي. هن منجھان قومن جا بادشاهہ پيدا ٿيندا.“
17تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“ 18ابراهيم خدا کي چيو تہ ”جيڪر تہ اسماعيل ئي منهنجو وارث ٿئي.“
19پر خدا چيو تہ ”نہ. تنهنجي زال سارہ تنهنجي لاءِ هڪ پٽ ڄڻيندي ۽ تون انهيءَ جو نالو #17‏:19 اسحاق عبراني ٻوليءَ ۾ انهيءَ نالي جي معنيٰ آهي ”هو کلي ٿو.“اسحاق رکجانءِ. آءٌ انهيءَ سان ۽ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جيڪو دائمي عهد آهي، قائم ڪندس. 20باقي اسماعيل بابت مون تنهنجو عرض قبول ڪيو. آءٌ کيس برڪت ڏيندس ۽ گھڻو اولاد عطا ڪندس. هو ٻارهن سردارن جو پيءُ ٿيندو ۽ آءٌ هن جي اولاد کي هڪ وڏي قوم بڻائيندس. 21پر ايندڙ سال هن مند ۾ سارہ جيڪو پٽ اسحاق تو کي ڄڻي ڏيندي تنهن سان آءٌ پنهنجو عهد قائم ڪندس.“
22جڏهن خدا ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي تہ پوءِ وٽانئس مٿي هليو ويو. 23پوءِ ابراهيم انهيءَ ئي ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل ۽ پنهنجي گھر جي ماڻهن مان سڀني مردن جو، پنهنجي گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت سڀني جو طهر ڪيو. 24جڏهن ابراهيم جو طهر ٿيو، تڏهن سندس عمر نوانوي سال هئي. 25سندس پٽ اسماعيل تيرهن سالن جو هو. 26سو انهن ٻنهي جو طهر هڪڙي ئي ڏينهن تي ٿيو. 27سندس گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت گھر جي سڀني مردن جو طهر ساڻس گڏ ٿيو.

Селектирано:

پيدائش 17: MSB

Нагласи

Сподели

Копирај

None

Дали сакаш да ги зачуваш Нагласувањата на сите твои уреди? Пријави се или најави се