خدا خواب ۾ ئي وراڻيس تہ ”بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ مون بہ تو کي پنهنجي خلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو. پر هاڻ اها زال سندس مڙس کي موٽائي ڏي. هو نبي آهي. هو تو لاءِ دعا گھرندو ۽ تون نہ مرندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏ تہ تون ۽ تنهنجا سڀ ماڻهو ضرور مرندا.“