Лого на YouVersion
Икона за пребарување

پيدائش 20

20
ابراهيم ۽ ابيملڪ
1 ابراهيم ممريءَ مان نڪري ڏکڻ ڏانهن سفر ڪيو. هو مسافري ڪندو قادش ۽ شور جي وچ ۾ آيو ۽ جرار شهر ۾ اچي رهيو. 2#پيد 12‏:13، 26‏:7 اتي هن پنهنجيءَ زال سارہ لاءِ چيو تہ ”اها منهنجي ڀيڻ آهي.“ تڏهن اتان جي بادشاهہ ابيملڪ سارہ کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو. 3پر رات جو خدا کيس خواب ۾ ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيڪا عورت تو پاڻ وٽ گھرائي آهي، تنهن جي ڪري تون مرندين، ڇاڪاڻ تہ اها اڳ ۾ ئي پرڻيل آهي.“ 4پر ابيملڪ هن جي ويجھو نہ ويو هو. سو چيائين تہ ”اي مالڪ! آءٌ بي‌ڏوهي آهيان. پوءِ ڇا تون مون کي ۽ منهنجي ماڻهن کي بہ ماريندين؟ 5ڇا ابراهيم پاڻ نہ چيو هو تہ ’اها منهنجي ڀيڻ آهي‘؟ انهيءَ عورت پاڻ بہ چيو هو تہ ’هي منهنجو ڀاءُ آهي.‘ مون تہ هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي ۽ مون ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“ 6خدا خواب ۾ ئي وراڻيس تہ ”بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ مون بہ تو کي پنهنجي خلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو. 7پر هاڻ اها زال سندس مڙس کي موٽائي ڏي. هو نبي آهي. هو تو لاءِ دعا گھرندو ۽ تون نہ مرندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏ تہ تون ۽ تنهنجا سڀ ماڻهو ضرور مرندا.“
8پوءِ ابيملڪ صبح جو سوير اُٿي پنهنجن سڀني نوڪرن کي سڏيو ۽ انهن کي اهي سموريون ڳالهيون ٻڌايائين. تنهن تي اهي ڏاڍا ڊڄي ويا. 9پوءِ ابيملڪ ابراهيم کي سڏايو ۽ پڇيائينس تہ ”تو هي اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ مون تنهنجو ڪهڙو قصور ڪيو آهي جو تو مون تي ۽ منهنجي بادشاهت تي ايڏو وڏو ڏوهہ آندو آهي؟ تو جيڪي ڪجھہ مون سان ڪيو آهي، ائين جيڪر ڪوبہ نہ ڪري.“ 10پوءِ ابراهيم کان پڇيائين تہ ”ڪهڙي ڳالهہ هئي جو تو ائين ڪيو؟“ 11ابراهيم جواب ڏنو تہ ”مون سمجھيو تہ هتي ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونهي، سو منهنجي زال هٿ ڪرڻ لاءِ اهي مون کي ماري وجھندا. 12تنهن کان سواءِ هوءَ سچ پچ منهنجي ڀيڻ آهي. هوءَ منهنجي پيءُ جي ڌيءَ آهي پر منهنجيءَ ماءُ منجھان نہ. تنهنڪري مون هن سان شادي ڪئي آهي. 13سو جڏهن خدا مون کي پنهنجي پيءُ جي گھر مان نڪري پرديس ۾ وڃڻ لاءِ چيو تڏهن مون هن کي چيو تہ ’اها تنهنجي مون تي مهرباني ٿيندي تہ جنهن جنهن هنڌ پاڻ هلون اتي تون مون کي پنهنجو ڀاءُ سڏائجانءِ.‘“
14پوءِ ابيملڪ ابراهيم کي سندس زال سارہ موٽائي ڏني ۽ رڍون ٻڪريون، چوپايو مال، ٻانها ۽ ٻانهيون بہ ڏنائينس. 15هن ابراهيم کي چيو تہ ”منهنجو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جتي تو کي وڻي اتي رهہ.“ 16پوءِ هن سارہ کي چيو تہ ”مون تنهنجي ڀاءُ کي #20‏:16 چانديءَ جا هزار سڪا اٽڪل ساڍا يارهن ڪلوگرام چاندي.چانديءَ جا هزار سڪا ڏنا آهن تان‌تہ تون انهن سڀني آڏو، جيڪي تو سان گڏ آهن، بي‌ڏوهي ثابت ٿئين ۽ هر ڪنهن کي خبر پوي تہ تو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي.“ 17‏-18ابراهيم جي زال سارہ سان جيڪي وهيو واپريو تنهن سبب خداوند ابيملڪ جي محلات جي عورتن جو ٻار ڄڻڻ بند ڪري ڇڏيو هو. سو ابراهيم ابيملڪ جي لاءِ دعا گھري ۽ خدا ابيملڪ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. خدا هن جي زال ۽ سندس ٻانهين کي بہ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ پوءِ هنن کي ٻار ڄاوا.

Селектирано:

پيدائش 20: MSB

Нагласи

Сподели

Копирај

None

Дали сакаш да ги зачуваш Нагласувањата на сите твои уреди? Пријави се или најави се