Лого на YouVersion
Икона за пребарување

پيدائش 25

25
ابراهيم جو ٻيو اولاد
(1.تواريخ 1‏:32‏-33)
1 ابراهيم هڪ ٻي زال پرڻيو جنهن جو نالو قطوراہ هو. 2انهيءَ کي ابراهيم مان زمران، يقشان، مدان، مديان، اسباق ۽ سوخ ڄاوا. 3يقشان مان شبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ددان جي اولاد مان اشوري، لطوسي ۽ لومي قومون بڻيون. 4مديان جا پٽ عيفاہ، عِفر، حنُوڪ، ابيداع ۽ الداعاہ هئا. اهي سڀ قطوراہ جو اولاد هئا. 5ابراهيم وٽ جيڪي هو سو سڀ اسحاق کي ڏيئي ڇڏيائين. 6پر ٻين زالن جي پٽن کي بہ ابراهيم بخششون ڏنيون. پوءِ پنهنجي جيئري ئي انهن کي پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري اوڀر طرف واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.
ابراهيم جي وفات ۽ سندس دفن ٿيڻ
7 ابراهيم ڪل هڪ سؤ پنجهتر سال جيئرو رهيو، 8تنهن کان پوءِ وفات ڪيائين. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏي ڄمار ماڻي وڃي پنهنجن سان مليو. 9سندس پٽن اسحاق ۽ اسماعيل کيس مڪفيلاہ جي غار ۾ دفن ڪيو جيڪا ممريءَ جي اوڀر ۾ صُحرحِتيءَ جي پٽ عِفرون جي ٻنيءَ ۾ آهي. 10#پيد 23‏:3‏-16 اِها اُها ٻني هئي جيڪا ابراهيم حِتي قوم کان خريد ڪئي هئي. سارہ ۽ ابراهيم ٻئي اتي ئي دفن ٿيل آهن. 11ابراهيم جي وفات کان پوءِ، خدا سندس پٽ اسحاق کي برڪت ڏني ۽ اسحاق ”ڏسندڙ جيئري جي کوهہ“ وٽ رهڻ لڳو.
اسماعيل جو اولاد
(1.تواريخ 1‏:28‏-31)
12 اسماعيل سارہ جي ٻانهيءَ هاجرہ کي ابراهيم مان ڄائو هو. 13هن جو اولاد سندن ڄم جي لحاظ کان ترتيبوار هي آهي: نبايوت، قيدار، ادبئيل، مبسام، 14مِشماع، دوماہ، مسا، 15حدد، تيما، يطور، نفيس ۽ قدمہ. 16اسماعيل جا اهي ٻارهن ئي پٽ پنهنجي پنهنجي قبيلن جا سردار ٿيا ۽ انهن جي ڳوٺن ۽ منزل‌گاهن تي انهن جا نالا رکيا ويا. 17اسماعيل هڪ سؤ ستٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وڃي پنهنجن سان گڏيو. 18اسماعيل جو اولاد حويلاہ کان شور جي وچ واري علائقي ۾ رهندو هو، جيڪو اشور ڏانهن ويندي مصر جي اوڀر پاسي آهي. اُهي پنهنجي ابي ڏاڏي ابراهيم جي ٻئي اولاد کان الڳ رهندا هئا.
عيسو ۽ يعقوب جي پيدائش
19 ابراهيم جي پٽ اسحاق کي هن طرح اولاد ٿيو. 20جڏهن اسحاق ربقہ سان شادي ڪئي تڏهن سندس عمر چاليهہ سال هئي. ربقہ فدان‌ارام شهر واري بيتوايل اراميءَ جي ڌيءَ ۽ لابن جي ڀيڻ هئي. 21جيئن تہ ربقہ سنڍ هئي، تنهنڪري اسحاق انهيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي. 22هن کي جاڙا ٻار ٿيڻ وارا هئا. ڄمڻ کان اڳ ۾ ئي اهي ماءُ جي پيٽ ۾ جھيڙو ڪرڻ لڳا. تڏهن هن چيو تہ ”جيڪڏهن مون سان ائين ٿيڻو هو تہ پوءِ مون کي پيٽ ڇو ٿيو؟“ سو هوءَ خداوند کان پڇڻ ويئي. 23#رو 9‏:12 خداوند کيس چيو تہ
”تنهنجي پيٽ اندر ٻہ قومون سمايل آهن،
ٻيئي تو مان جنم وٺنديون ۽ هڪٻئي جون مخالف ٿينديون.
هڪڙي قوم ٻي قوم کان وڌيڪ زورآور ٿيندي،
هائو، وڏي پٽ جي قوم ننڍي پٽ جي قوم جي خدمت ڪندي.“
24جڏهن ربقہ جي ويم ڪرڻ جو ڏينهن اچي ويو تہ کيس ٻہ جاڙا پٽ ڄاوا. 25جيڪو ٻار پهريائين ڄائو هو سو ڳاڙهي رنگ جو هو ۽ سندس سڄي جسم تي وار ئي وار هئا. تنهنڪري سندس نالو #25‏:25 عيسو هي نالو سعير نالي ڏانهن اشارو ڪندڙ آهي. سعير يعني ادوم اهو علائقو آهي جتي عيسو جو اولاد آباد ٿيو هو. سعير نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”بوجرو.“عيسو رکيو ويو. 26ٻيو ٻار جڏهن ڄائو تہ عيسوءَ جي کُڙي سندس هٿ ۾ پڪڙيل هئي، تنهنڪري انهيءَ جو نالو #25‏:26 يعقوب هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”کُڙي“ يا ”ٺڳي.“يعقوب رکيائون. جڏهن هي ڄاوا تڏهن اسحاق جي عمر سٺ سال هئي.
عيسوءَ جو پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق وڪڻڻ
27ڇوڪرا وڏا ٿيا. عيسو هوشيار شڪاري ۽ جھنگ جو جھانگي بڻيو، جڏهن تہ يعقوب ماٺ ميٺ ۾ ۽ گھريلو زندگي گذارڻ وارو هو. 28اسحاق عيسوءَ کي وڌيڪ پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ هو عيسوءَ جو شڪار وارو گوشت کائيندو هو، پر ربقہ جو پيار وري يعقوب تي وڌيڪ هو.
29هڪڙي ڏينهن يعقوب مُهريءَ جي دال رڌي رهيو هو تہ عيسو شڪار تان آيو. هو ساڻو ٿي پيو هو، 30تنهنڪري يعقوب کي چيائين تہ ”آءٌ ساڻو ٿي پيو آهيان سو انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏي.“ اهو ئي سبب آهي جو عيسوءَ تي #25‏:30 ادوم هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڳاڙهو.“ادوم نالو پئجي ويو. 31يعقوب ورندي ڏنس تہ ”پهريائين تون پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق مون کي وڪڻي ڏي.“ 32عيسوءَ چيو تہ ”ٺيڪ آهي. آءٌ مرڻ تي آهيان. پوءِ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟“ 33#عبر 12‏:16 تڏهن يعقوب چيس تہ ”پهريائين مون سان قسم کڻ.“ عيسوءَ ساڻس قسم کنيو ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڏنائين. 34پوءِ يعقوب کيس ماني ۽ مُهريءَ جي دال ڏني. هو کائي پي اٿيو ۽ هليو ويو. اهڙيءَ طرح عيسوءَ پنهنجي پهريتي هئڻ جي حق کي خسيس ڄاتو.

Селектирано:

پيدائش 25: MSB

Нагласи

Сподели

Копирај

None

Дали сакаш да ги зачуваш Нагласувањата на сите твои уреди? Пријави се или најави се