نڪي مون پاڻ کي لائق سمجھيو جو اوھان وٽ اچان. پر اوھين کڻي رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو. آءٌ پڻ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ‘ تہ ھو ايندو ۽ جي پنھنجي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر‘ تہ ھو ڪندو.“ عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻھو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانھن منھن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو ايمان بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو.“