لوقا 22
22
عيسيٰ خلاف سازش
(متي ۱:۲۶–۵، مرقس ۱:۱۴–۲، يوحنا ۴۵:۱۱–۵۳)
1 # خر ۱:۱۲–۲۷ ھاڻي بيخميري مانيءَ جي عيد، جنھن کي عيد فصح بہ چون ٿا سا ويجھي آئي. 2سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ چپ چاپ ۾ عيسيٰ کي مارائي ڇڏين، ڇوتہ اھي خلق کان بہ ڊنا ٿي.
3تڏھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙي يھوداہ، جنھن کي اسڪريوتي بہ چوندا ھئا، تنھن جي دل ۾ اچي شيطان گھڙيو. 4ھن وڃي سردار ڪاھنن ۽ ھيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪھڙيءَ ريت ھو عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري. 5تنھن تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن جي آڇ ڪيائون. 6ھن قبول ڪيو ۽ موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جڏھن ميڙ نہ ھجي تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.
عيد فصح جي تياري
(متي ۱۷:۲۶–۲۵، مرقس ۱۲:۱۴–۲۱، يوحنا ۲۱:۱۳–۳۰)
7بيخميري مانيءَ جي عيد جو اھو ڏينھن آيو جنھن تي عيد فصح جي قرباني ڏيڻ ضروري ھئي. 8تڏھن عيسيٰ پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو تہ ”وڃو ۽ اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪريو تہ اسين کائون.“ 9ھنن کانئس پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين ڪٿي تيار ڪريون؟“ 10تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڏسو، شھر ۾ گھڙڻ سان اوھان کي ھڪڙو ماڻھو ملندو جيڪو دلو پاڻيءَ جو کنيو پيو ايندو، تنھن جي پٺيان وڃجو. جنھن گھر ۾ اھو وڃي تہ اوھين بہ پٺيان وڃجوس. 11اوھين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’اوطاق ڪٿي آھي جتي استاد پنھنجن شاگردن سان گڏ عيد فصح کائي.‘ 12ھو اوھان کي ماڙيءَ تي ھڪ وڏو سجايل ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوھين تياري ڪجو.“ 13پوءِ ھو روانا ٿي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو ھون ائين ئي ھر شيءِ ڏٺائون ۽ عيد فصح تيار ڪيائون.
آخري دفعو شاگردن سان گڏ کائڻ
(متي ۲۶:۲۶–۳۰، مرقس ۲۲:۱۴–۲۶، ۱.ڪرنٿين ۲۳:۱۱–۲۵)
14جڏھن اھا گھڙي اچي پھتي تہ ھو رسولن سان گڏجي دسترخوان تي ويٺو. 15انھن کي چيائين تہ ”منھنجي دل ڏاڍو ٿي چاھيو تہ آءٌ ڏکن سھڻ کان اڳ ۾ اوھان سان گڏجي ھي عيد فصح کاوان. 16ڇالاءِجو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اھا نہ کائيندس جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ انھيءَ جو پورو مطلب نہ نڪري.“ 17پوءِ عيسيٰ پيالو کڻي خدا جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، ھي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورھايو. 18آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ ھي مئي وري نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت نہ ايندي.“ 19پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ ھنن کي ڏيندي چيائين تہ ”ھيءُ منھنجو بدن آھي، جو اوھان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوھين بہ منھنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رھجو.“ 20#ير ۳۱:۳۱–۳۴ ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”ھيءُ پيالو خدا جو نئون عھد آھي، جيڪو منھنجي رت جي وسيلي قائم ڪيو ويو آھي. اھو رت اوھان جي لاءِ وھائجي ٿو.
21 # زب ۹:۴۱ پر ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي ٿو، سو مون سان گڏ دسترخوان تي ويٺو آھي. 22ابنآدم لاءِ جيئن لکيل آھي تيئن ئي ھو ھن دنيا مان وڃي ٿو، پر مصيبت آھي انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان ھو پڪڙائجي ٿو.“ 23تنھن تي شاگرد ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اھو ڪير آھي جيڪو ھھڙو ڪم ڪندو؟“
وڏائپ تي تڪرار
24 # مت ۱:۱۸، مر ۳۴:۹، لو ۴۶:۹ شاگردن ۾ اھو بہ تڪرار پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“ 25#مت ۲۵:۲۰–۲۷، مر ۴۲:۱۰–۴۴ تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”قومن جا بادشاھہ مٿن حڪم ٿا ھلائين ۽ جن کي مٿن اختياري آھي، سي ماڻھن جو ڀلو ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا. 26#مت ۱۱:۲۳، مر ۳۵:۹ پر ھي اوھان سان لاڳو نہ آھي. اوھان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي نوڪر وانگر ٿيڻ کپي. 27#يو ۱۲:۱۳–۱۵ وڏو ڪير آھي، ڇا اھو جيڪو کائڻ ٿو ويھي يا جيڪو سندس خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اھو نہ آھي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آءٌ اوھان منجھہ ائين آھيان جيئن ڪو خدمتگار.
28اوھين اھي آھيو جيڪي مون سان منھنجي سڀني آزمائشن ۾ گڏ رھيا آھيو، 29۽ جيئن منھنجي پيءُ مون لاءِ بادشاھت مقرر ڪئي آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان لاءِ بادشاھت مقرر ٿو ڪريان. 30#مت ۲۸:۱۹ اوھين منھنجي بادشاھت ۾ مون سان گڏ منھنجي دسترخوان تي کائيندا پيئندا ۽ تخت تي ويھي اوھين بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.“
پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي
(متي ۳۱:۲۶–۳۵، مرقس ۲۷:۱۴–۳۱، يوحنا ۳۶:۱۳–۳۸)
31”شمعون! شمعون! ڏس، شيطان اوھان کي آزمائڻ جي اجازت ورتي آھي، تہ جيئن اوھان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاھہ وانگر ڳاھي، اَنَ ۽ بُھہ وانگر جدا جدا ڪري. 32پر مون تو لاءِ دعا گھري آھي تہ شل تنھنجو ايمان نہ لُڏي. جڏھن تون مون ڏانھن موٽي اچين تہ پنھنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“ 33پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ ٻڌل آھيان.“ 34تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين تہ ’آءٌ ھن کي سڃاڻان ئي ڪين.‘“
ڳوٿري، ٻاچڪو ۽ تلوار
35 # مت ۹:۱۰–۱۰، مر ۸:۶–۹، لو ۳:۹، ۴:۱۰ عيسيٰ ھنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏھن مون اوھان کي ڳوٿريءَ، ٻاچڪي يا جتيءَ کان سواءِ موڪليو ھو، تہ ڇا اوھان کي ڪا ٻي بہ گھرج ھئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن شيءِ جي بہ نہ.“ 36تڏھن عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي جنھن کي بہ ڳوٿري ھجي تہ اھا کڻي، جنھن کي بہ ٻاچڪو ھجي تہ اھو کڻي ۽ جنھن کي بہ تلوار نہ ھجي تہ اھو پنھنجو پھراڻ وڪڻي بہ اھا خريد ڪري. 37#يس ۱۲:۵۳ ڇالاءِجو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو لکيل آھي تہ ’ھو گنھگارن ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آھي. بيشڪ جيڪو منھنجي بنسبت لکيل آھي سو پورو ٿيڻ وارو آھي.“ 38تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! اِجھو، ھي ٻہ تلوارون آھن.“ ھن چيو تہ ”بس، بس.“
زيتون جي ٽڪر تي دعا گھرڻ
(متي ۳۶:۲۶–۴۶، مرقس ۳۲:۱۴–۴۲)
39پوءِ ھو ٻاھر نڪري پنھنجي دستور موجب زيتون جي ٽڪر تي ويو ۽ شاگرد بہ ساڻس گڏ ھليا. 40جڏھن ھو انھيءَ جاءِ تي پھتو تہ انھن کي چيائين تہ ”دعا گھرو تہ شل اوھين آزمائش ۾ نہ پئو.“ 41پوءِ ھو پاڻ انھن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ 42”اي بابا! جيڪڏھن تون چاھين تہ ھي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ، پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“ 43ايتري ۾ آسمان مان ھڪڙو ملائڪ ھن جي حمايت ۾ نازل ٿيو. 44ھو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ايترو وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر جا ڦڙا رت وانگر زمين تي ڪري رھيا ھئا.
45جڏھن ھو دعا گھري اٿيو ۽ شاگردن ڏانھن موٽي آيو تڏھن ڏٺائين تہ ھو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آھن. 46ھن انھن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ستا پيا آھيو؟ اٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو.“
عيسيٰ جو جھلجڻ
(متي ۴۷:۲۶–۵۶، مرقس ۴۳:۱۴–۵۰، يوحنا ۳:۱۸–۱۱)
47اڃا عيسيٰ ڳالھايو ئي پئي تہ ماڻھن جو ھڪڙو ٽولو اچي پھتو، جنھن جي اڳيان ٻارھن شاگردن مان اھو ھو جنھن کي يھوداہ ڪري سڏيندا ھئا. ھن ويجھو اچي عيسيٰ کي چمي ڏني. 48پر عيسيٰ چيس تہ ”اي يھوداہ! تون چمي ڏيئي ابنآدم کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“ 49عيسيٰ سان گڏ جيڪي شاگرد ھئا تن جڏھن ھي ٿيندي ڏٺو تہ پڇيائون تہ ”اي خداوند! اسين تلوار ھلايون ڇا؟“ 50انھن مان ھڪڙي تہ ڌڪ ھڻي سردار ڪاھن جي نوڪر جو ساڄو ڪن ڪپي وڌو. 51تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ ھن انھيءَ جي ڪن کي ھٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو.
52سردار ڪاھن، ھيڪل جا حوالدار ۽ بزرگ جيڪي مٿس ڪاھي آيا ھئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاھي آيا آھيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آھيان. 53#لو ۴۷:۱۹، ۳۷:۲۱ آءٌ اوھان سان روزانو ھيڪل ۾ گڏ ھوندو ھوس، پر اوھان اتي تہ مون تي ھٿ بہ نہ کنيو. پر ھاڻي اوھان جو وقت آھي ڇوتہ ھي اونداھيءَ جو راڄ آھي.“
پطرس جو عيسيٰ بابت انڪار
(متي ۵۷:۲۶–۵۸، ۶۹–۷۵، مرقس ۵۳:۱۴–۵۴، ۶۶–۷۲، يوحنا ۱۲:۱۸–۱۸، ۲۵–۲۷)
54انھن عيسيٰ کي پڪڙي وڏي سردار ڪاھن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو. 55جڏھن ھو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا، تڏھن پطرس بہ گڏجي انھن سان اچي ويٺو. 56ايتري ۾ ھڪڙي نوڪرياڻيءَ ھن کي باھہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”ھي ماڻھو بہ ھن سان گڏ ھو.“ 57پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“ 58گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انھن مان آھين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اھو آءٌ نہ آھيان.“ 59ڪلاڪ کن کان پوءِ ھڪڙي ٻئي شخص يقين سان چيو تہ ”لاشڪ، ھي ماڻھو بہ تہ عيسيٰ سان ھو، ڇوتہ ھي بہ گليلي آھي.“ 60پر پطرس چيو تہ ”ادا! آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اوھين ڇا ٿا چئو.“ ھو اڃا ڳالھائي ئي پيو تہ انھيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 61خداوند ڦري پطرس ڏانھن نھاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جي چيا ھئائينس تہ ”جيسين اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنھن کان اڳ ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين.“ 62پطرس ٻاھر نڪري ويو ۽ وڃي ززاروزار روئڻ لڳو.
عيسيٰ تي چٿرون ڪرڻ ۽ مار ڏيڻ
(متي ۶۷:۲۲–۶۸، مرقس ۶۵:۱۴)
63جن ماڻھن عيسيٰ تي پھرو پئي ڏنو، تن مٿس چٿرون پئي ڪيون ۽ ڌڪ بہ پئي ھنيائونس. 64سندس اکيون ٻڌي منھن تي چمٽون ھڻي پڇنس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ 65انھن ٻيون بہ ڪيتريون ئي گاريون ڏيئي کيس گھٽ وڌ پئي ڳالھايو.
عيسيٰ ڪائونسل اڳيان
(متي ۵۹:۲۶–۶۶، مرقس ۵۵:۱۴–۶۴، يوحنا ۱۹:۱۸–۲۴)
66جڏھن ڏينھن ٿيو تہ يھودين جا بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي انھن جي ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو ويو. 67انھن کانئس پڇيو تہ ”ٻڌاءِ، ڇا تون مسيح آھين؟“ ھن جواب ۾ چين تہ ”جيڪڏھن آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ اوھين اعتبار ئي نہ ڪندا، 68۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کان سوال پڇان تہ اوھين جواب ئي نہ ڏيندا. 69پر ھن کان پوءِ ابنآدم قادرِمطلق خدا جي ساڄي پاسي ويھندو.“ 70انھن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون خدا جو فرزند آھين ڇا؟“ ھن جواب ۾ چين تہ ”اوھين پاڻ چئو ٿا تہ آءٌ آھيان.“ 71تنھن تي انھن چيو تہ ”اسان کي وڌيڪ ڪنھن بہ شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، ڇالاءِجو اسان پاڻ سندس واتان ٻڌو آھي.“
Выбрано:
لوقا 22: SCLNT
Выделить
Поделиться
Копировать
Хотите, чтобы то, что вы выделили, сохранялось на всех ваших устройствах? Зарегистрируйтесь или авторизуйтесь
© 2009 Pakistan Bible Society