26
مقدس خيمي جي قنات ۽ پال
(خروج 36:8-13)
1”تون مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ٺهرائج، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهن تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن. 2هر هڪ پردي جي ڊيگھہ ٻارهن ميٽر ۽ ويڪر ٻہ ميٽر هجي. سڀيئي پردا هڪڙيءَ ئي ماپ جا هجن. 3پنج پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيل هجن ۽ ٻيا پنج پردا بہ ساڳيءَ طرح ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيل هجن. 4ڊيگھہ واري پاسي کان جتي هي ٻئي وڏا پردا ڳنڍيا وڃن، اتي هڪڙي پاسي واري وڏي پردي جي ڪناري تي آسماني رنگ جي ڌاڳن سان سوراخ ٺهرائج. ساڳيءَ طرح ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي بہ اهڙا ئي سوراخ ٺهرائج. 5پنجاهہ سوراخ هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي ۽ پنجاهہ ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي ٺهرائج. اهي سوراخ هڪٻئي جي آمهون سامهون هجن. 6پنجاهہ سون جا ڪُنڍا ٺهرائج ۽ ٻنهي وڏن پردن کي انهن ڪُنڍن سان ڳنڍائي ڇڏج. اهڙيءَ طرح سڄي قنات ۽ پال هڪ ٿي پوندي.“
مقدس خيمي جو ڍڪ
(خروج 36:14-19)
7”خيمي کي مٿان ڍڪڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا ٺهرائج. 8هر هڪ پردي جي ڊيگھہ تيرهن ميٽر ۽ ويڪر ٻہ ميٽر هجي. اهي يارهن ئي پردا هڪڙيءَ ماپ جا هجن. 9پنج پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍي هڪ ٽڪرو ٺهرائج. باقي ڇهہ پردا ڌار ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍي هڪ ٻيو ٽڪرو ٺهرائج، جنهن جو ڇهون پردو، خيمي جي در مٿان ٻيڻو ڪرائي ڇڏج. 10هنن ٽڪرن کي ڊيگھہ واري پاسي کان جن ڪنارن وٽان ڳنڍيو وڃي تن ڪنارن تي پنجاهہ پنجاهہ سوراخ ٺهرائج. 11پوءِ تون پنجاهہ پتل جا ڪنڍا ٺهرائي انهن سوراخن ۾ وجھائي خيمي کي مٿان ڳنڍائي هڪ ڪرائي ڇڏج. 12خيمي جي انهيءَ ڍڪ جو باقي حصو جيڪو بچي پوي سو خيمي جي پٺئين پاسي ڀلي زمين تي پيو رهي. 13ڍڪ جي ٻنهي پاسن ۾ جيڪو اڌ اڌ ميٽر قنات کان وڌيڪ آهي، سو ڀلي خيمي جي ٻنهي پاسن ۾ قنات جي ٻاهران لڙڪيل هجي تہ جيئن خيمو پوريءَ طرح ڍڪيل رهي.
14خيمي جي مٿان وجھڻ لاءِ ٻہ غلاف ٻيا بہ ٺهرائج، هڪڙو گھٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن مان ۽ ٻيو ڊالفن دريائي جانور جي کلن مان.
مقدس خيمي جا فريم
(خروج 36:20-34)
15ٻٻر جي ڪاٺ جا فريم ٺهرائج، جيڪي خيمي کي ٽيڪ ڏيارڻ لاءِ اُڀا بيهاريا وڃن. 16هر هڪ فريم جي ڊيگھہ ڏهہ هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هجي. 17هر فريم ۾ آمهون سامهون ٻہ ٻہ چوڙون هجن، جيئن اهي هڪٻئي سان ڳنڍي سگھجن. تون خيمي جا سڀيئي فريم ائين ئي ٺهرائج. 18خيمي جي لاءِ تون جيڪي فريم ٺهرائين تن مان ويهہ فريم ڏاکڻي پاسي لاءِ هجن. 19انهن ويهن فريمن جي هيٺان چانديءَ جا چاليهہ پاوا ٺهرائج. هر هڪ فريم جي ٻنهي چوڙن جي هيٺان هڪ هڪ پائو هجي. 20خيمي جي ٻئي پاسي يعني اتر طرف لاءِ بہ ويهہ فريم ٺهرائج، 21جن جي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ پاوا ٺهرائج. هر هڪ فريم جي هيٺان ٻہ ٻہ پاوا هجن.
22خيمي جي پٺئين پاسي يعني اولهہ طرف لاءِ ڇهہ فريم ٺهرائج. 23انهيءَ پٺئين پاسي ۾ خيمي جي ڪنڊن لاءِ بہ ٻہ فريم ٺهرائج، 24جيڪي هيٺان کان چوٽيءَ تائين ٻٽا هجن ۽ اچي اهي هڪڙي ڪڙي ۾ ڳنڍجي وڃن. ٻئي فريم اهڙي نموني جا هجن. اهي ٻنهي ڪنڊن جي لاءِ هجن. 25سو اهڙا اٺ فريم هجن ۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا سورهن پاوا هجن، يعني هر هڪ فريم جي هيٺان ٻہ ٻہ پاوا.
26تون ٻٻر جي ڪاٺ جا پنج پنج گز خيمي جي اتر ۽ ڏکڻ وارن فريمن لاءِ ٺهرائج. 27ٻيا پنج گز خيمي جي اولهہ يعني پٺئين پاسي وارن فريمن لاءِ ٺهرائج. 28انهن ٽنهي پاسن جي فريمن جي وچ وارو گز هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پهچي. 29تون انهن فريمن تي سون جو پٽ چاڙهائج. گزن لاءِ سون جا ڪڙا ٺهرائج ۽ گزن تي بہ سون جو پٽ چاڙهائج. 30خيمي کي تون انهيءَ نموني موجب کڙو ڪرائي بيهارج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو هو.
مقدس ترين جاءِ جو پردو
(خروج 36:35-36)
31تون سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو پردو ٺهرائج، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن. انهيءَ پردي تي ڪاريگريءَ سان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيل هجن. 32انهيءَ پردي کي سون سان مڙهيل ٻٻر جي چئن ٿنڀن تي ٽنگائي ڇڏج. انهن جا ڪُنڍا سون جا ۽ پاوا چانديءَ جا هجن. 33#عبر 6:19، 9:3-5 اهو پردو تون وڏن پردن جي ڪُنڍن جي هيٺان لٽڪرائي ڇڏج. پوءِ اها عهد واري صندوق، انهيءَ پردي جي اندر آڻي رکائج. هي پردو اوهان جي لاءِ مقدس جاءِ کان مقدس ترين جاءِ کي الڳ ڪندو. 34تون رحمت جو پوش مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان رکائج. 35مقدس ترين جاءِ جي پردي جي ٻاهران ميز رکائج. شمعدان ميز جي سامهون خيمي جي ڏکڻ واري پاسي رکائج، جيئن ميز اتر واري پاسي رهي.
مقدس خيمي جي در وارو پردو
(خروج 36:37-38)
36خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو ٺهرائج، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي. 37انهيءَ پردي جي لاءِ ٻٻر جا پنج ٿنڀا ٺهرائج ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهائج. انهن جا ڪنڍا سون جا هجن. انهن جي لاءِ پتل جا پنج پاوا پلٽائي ٺهرائج.