خروج 27

27
ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ
(خروج 38‏:1‏-7)
1تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربان‌گاهہ ٺهرائج. اها قربان‌گاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر ۽ ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر هجي، انهيءَ جي اوچائي سوا ميٽر هجي. 2انهيءَ قربان‌گاهہ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺهرائج. قربان‌گاهہ ۽ سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن. تون انهن تي پتل جا پٽ چاڙهائج. 3قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا ٺهرائج. اهي سڀ ٿانوَ پتل جا ٺهرائج. 4انهيءَ جي لاءِ پتل جو هڪڙو ڄاريدار آتشدان ٺهرائج. ڄاريءَ جي چئن ئي ڪنڊن ۾ پتل جا چار ڪڙا ٺهرائج. 5تون انهيءَ کي قربان‌گاهہ ۾ ڪنارن جي هيٺان اهڙيءَ طرح رکائج، جو ڄاري قربان‌گاهہ جي اڌ تائين پهچي. 6قربان‌گاهہ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻہ ٻانهيون ٺهرائي، انهن تي پتل جو پٽ چاڙهائج. 7اهي ٻانهيون ڪڙن ۾ وجھاءِ، جيڪي قربان‌گاهہ جي ٻنهي پاسن تي هجن، تہ جيئن قربان‌گاهہ کڻي سگھجي. 8تون اها قربان‌گاهہ تختن جي کوکي وانگر ٺهرائج. تون اها اهڙيءَ طرح ٺهرائج جهڙيءَ طرح تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.
مقدس خيمي جو اڱڻ
(خروج 38‏:9‏-20)
9تون مقدس خيمي جو اڱڻ ٺهرائج. انهيءَ اڱڻ جي اتر توڙي ڏکڻ پاسي کان سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جي قنات هجي، جنهن جي ڊيگھہ ٻنهي پاسن تي چوئيتاليهہ چوئيتاليهہ ميٽر هجي. 10‏-11انهيءَ جي لاءِ ويهہ ويهہ پتل جا ٿنڀا هجن ۽ ٿنڀن لاءِ پتل جا ويهہ ويهہ پاوا هجن. ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن. 12اولهہ واري پاسي ڏانهن اڱڻ جي ويڪر ۾ قنات جي ڊيگھہ ٻاويهہ ميٽر هجي، انهيءَ جي لاءِ ڏهہ ٿنڀا ۽ ڏهہ پاوا هجن. 13اوڀر واري پاسي کان بہ اڱڻ جي ويڪر ٻاويهہ ميٽر هجي. 14‏-15اتي اڱڻ جي دروازي جي ٻنهي پاسن واري قنات لاءِ ساڍا ڇهہ ڇهہ ميٽر ڊگھا پردا هجن. انهن جي لاءِ بہ ٽي ٽي ٿنڀا ۽ انهن ٿنڀن جا ٽي ٽي پاوا هجن. 16اڱڻ جي در لاءِ هڪڙو نوَ ميٽر ڊگھو پردو هجي، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي ۽ جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي. انهيءَ جي لاءِ چار ٿنڀا ۽ انهن ٿنڀن جا چار پاوا هجن. 17اڱڻ جي چوڌاري وارا سڀ ٿنڀا چانديءَ جي بندن سان جڪڙيل هجن. انهن جا ڪنڍا چانديءَ جا ۽ پاوا پتل جا هجن. 18سو اڱڻ جي سڄي قنات سنهي وٽيل سڻيءَ جي هجي، جنهن جي ڊيگھہ چوئيتاليهہ ميٽر، ويڪر ٻاويهہ ميٽر ۽ اوچائي سوا ٻہ ميٽر هجي. انهيءَ جي ٿنڀن جا پاوا پتل جا هجن. 19خيمي ۾ استعمال ٿيندڙ هر قسم جا ٿانوَ، خيمي جون ڪليون ۽ اڱڻ جون ڪليون اهي سڀ پتل جا هجن.“
شمعدان جو تيل
(لاوي سرشتو 24‏:1‏-4)
20”تون بني اسرائيل کي حڪم ڪج، تہ اُهي روشني ڪرڻ لاءِ ڪُٽيل زيتون جو نج تيل تو وٽ آڻين، تہ جيئن هر رات ڏيئو ٻرندو رهي. 21مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ انهيءَ پردي جي ٻاهران جيڪو عهد واري صندوق اڳيان هوندو، هارون ۽ سندس پٽَ سانجھيءَ کان صبح تائين شمعدان کي منهنجي حضور ۾ ٻريل رکن. اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ تائين جاري رهندو.“

Seçili Olanlar:

خروج 27: SB

Vurgu

Paylaş

Karşılaştır

Kopyala

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın