28
ڪاهنن لاءِ خاص پوشاڪ
(خروج 39:1-7)
1”تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ جيئن اُهي منهنجي لاءِ #28:1 ڪاهن يعني بني اسرائيل جا مذهبي اڳواڻ. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ ڪاهن ٿين. 2تون پنهنجي ڀاءُ هارون جي عزت ۽ زينت جي لاءِ هڪڙي خاص پوشاڪ ٺهرائج. 3تون انهن سڀني ماهر ڪاريگرن، جن کي مون حڪمت جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ خاص پوشاڪ ٺاهين، انهيءَ لاءِ تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿئي ۽ اها پوشاڪ پائي. 4جيڪا پوشاڪ هو ٺاهيندا سا هيءَ آهي: هڪڙو سينابند، هڪڙو مذهبي فراڪ، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳ ۽ هڪڙو پٽو. هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن لاءِ اها خاص پوشاڪ ٺاهين، تہ جيئن اهي منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي اها پوشاڪ پائين. 5اهي ماڻهو انهيءَ پوشاڪ لاءِ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو ۽ سون استعمال ڪن.
6هو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون سان مذهبي فراڪ ٺاهين، جنهن تي ڪاريگريءَ سان ڪم ٿيل هجي. 7انهيءَ کي ڪلهن وٽ ٻہ پٽيون هجن، جيڪي انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هجن، جيئن اها هڪڙي پوشاڪ ٿي پوي. 8انهيءَ مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل ڪمربند تي بہ انهيءَ پوشاڪ جهڙو ڪاريگريءَ وارو ڪم ٿيل هجي. اهو ساڳئي ئي آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ ۽ سون مان ڪاريگريءَ سان ٺهيل هجي. 9تون ٻن سليماني پٿرن تي يعقوب جي ٻارهن پٽن جا نالا اُڪرائج. 10انهن مان ڇهہ نالا هڪڙي پٿر تي ۽ باقي ڇهہ ٻئي پٿر تي، سندن پيدائش جي ترتيب موجب اُڪرائج. 11تون انهن ٻنهي پٿرن تي، جيئن جوهري منڊيءَ تي نقش اُڪريندو آهي تيئن يعقوب جي پٽن جا نالا اُڪرائج ۽ انهن ٻنهي پٿرن کي سون جي خانن ۾ جڙائي ڇڏج. 12تون اهي ٻئي پٿر مذهبي فراڪ جي ڪلهن وارين پٽين تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن کي ياد رکڻ لاءِ لڳرائج. هارون انهن جا نالا مون خداوند جي يادگيريءَ لاءِ پنهنجي ٻنهي ڪلهن تي کڻندو. 13تون سون جا ٻہ ٻيا خانا ٺهرائج. 14نج سون جون ٻہ زنجيرون، وٽيل رسيءَ وانگر ٺهرائج ۽ ٻنهي وٽيل زنجيرن کي تون انهن ٻنهي خانن سان لٽڪرائي ڇڏج.“
سينابند
(خروج 39:8-21)
15”مون خدا جي مرضي معلوم ڪرڻ وقت پائڻ لاءِ تون هڪڙو سينابند ٺهرائج، جيڪو مذهبي فراڪ وانگر ڪاريگريءَ سان ٺهيل هجي. اهو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن واري سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون مان ٺهرائج. 16اهو چورس ۽ ٻٽو هجي. انهيءَ جي ڊيگھہ هڪڙي گرانٺ ۽ ويڪر بہ هڪڙي گرانٺ هجي. 17تون انهيءَ ۾ قيمتي هيرا جواهر جڙائج، جن جون چار قطارون هجن. پهرينءَ قطار ۾ لعل، پکراج ۽ شبچراغ هجن. 18ٻيءَ قطار ۾ زمرد، نيلم ۽ هيرو هجي. 19ٽينءَ قطار ۾ سنبلي، عقيق ۽ ياقوت هجي. 20چوٿينءَ قطار ۾ فيروزو، سليماني پٿر ۽ زبرجد هجي. اهي سون جي خانن ۾ جڙيا وڃن. 21اهي هيرا جواهر يعقوب جي پٽن جي نالن مطابق تعداد ۾ ٻارهن هجن. جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن اهي نالا جيڪي ٻارهن قبيلن جا نالا هوندا، سي هر هڪ هيري جواهر تي جدا جدا اُڪريل هجن. 22تون سينابند جي لاءِ وٽيل رسيءَ جهڙيون نج سون جون ٻہ زنجيرون ٺهرائج. 23سينابند جي لاءِ سون جا ٻہ ڇلا ٺهرائج، جيڪي ٻئي سينابند جي ٻنهي مٿين ڇيڙن تي هجن. 24اهي ٻئي سونيون وٽيل زنجيرون، سينابند جي ٻنهي ڇيڙن تي لڳل انهن ٻن ڇلن ۾ وجھائي ڇڏج. 25انهن ٻنهي زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا، سون جي ٻنهي خانن ۾ جڙائي ڇڏج، جيڪي مذهبي فراڪ جي ڪلهي وارين پٽين تي انهيءَ جي اڳ واري پاسي کان هجن.
26تون سون جا ٻيا بہ ٻہ ڇلا ٺهرائي اهي سينابند جي هيٺين ٻنهي ڇيڙن وارن ڪنارن ۾ وجھائي ڇڏج. اهي مذهبي فراڪ مٿان سينابند جي اندرئين پاسي پيل رهن. 27سون جا ٻہ ٻيا بہ ڇلا ٺهرائج. اهي مذهبي فراڪ جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي اڳ واري پاسي تي لڳرائج، جتي اهي هيٺئين پاسي مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل آهن ۽ جتي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل آهي. 28پوءِ سينابند جي ڇلن کي مذهبي فراڪ جي ڇلي سان گڏ هڪڙي آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان ٻڌائي ڇڏج، تہ جيئن اهو مذهبي فراڪ جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند تي رهي ۽ سينابند مذهبي فراڪ تان هٽي نہ وڃي.
29سو هارون بني اسرائيل جي قبيلن جا نالا انهيءَ سينابند تي پنهنجيءَ دل جي مٿان هڻي، مقدس جاءِ ۾ داخل ٿيڻ وقت مون خداوند جي آڏو پاتل رهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ انهن کي هميشہ ياد رکان. 30#ڳا 27:21، شر 33:8، عز 2:63، نحم 7:65 مون خدا جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ تون سينابند ۾ #28:30 اُوريم ۽ ٿُميم ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ اُوريم ۽ ٿُميم وجھائي ڇڏج. جڏهن هارون مون خداوند جي آڏو حاضر ٿئي تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن. اهڙيءَ طرح هارون بني اسرائيل بابت منهنجي مرضيءَ معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ دل جي مٿان هميشہ مون خداوند جي آڏو کنيو رهي.“
ڪهانت جون ٻيون پوشاڪون
(خروج 39:22-31)
31”تون مذهبي فراڪ جي هيٺان پائڻ وارو جبو سڄو آسماني رنگ جو ٺهرائج. 32انهيءَ کي وچ ۾ مٿي وجھڻ لاءِ سوراخ هجي. انهيءَ سوراخ جي چوڌاري گريبان وانگر هڪڙي اُڻيل پٽي هجي، انهيءَ لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي. 33-34تون انهيءَ جبي جي دامن تي چوڌاري آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڏاڙهون ٺهرائج ۽ هر هڪ ڏاڙهونءَ کان پوءِ هڪ هڪ سون جي گھنڊڻي ٻڌائج. 35سو هارون اهو جبو منهنجي خدمت جي وقت پائي، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن بہ هو مقدس جاءِ ۾ مون خداوند جي آڏو اچي ۽ اتان ٻاهر نڪري، تڏهن انهيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي، تانتہ هو مري نہ وڃي.
36تون نج سون جي هڪڙي تختي ٺهرائج ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪرائي ڇڏج، ’خداوند جي لاءِ مخصوص.‘ 37تون اها آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان ٻڌائي پڳ جي سامهون واري پاسي هڻائي ڇڏج. 38اها هارون جي پيشانيءَ تي هجي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون بني اسرائيل پنهنجي پاڪ نذرانن جي وسيلي وقف ڪندا، تن شين ۾ رهجي ويل خاميءَ جا ڏوهہ هارون کڻندو. اها تختي هميشہ سندس پيشانيءَ تي رهندي، انهيءَ لاءِ تہ اهي نذرانا مون خداوند جي حضور ۾ قبول پون. 39تون سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جو چونڪڙين وارو پهراڻ، سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي هڪڙي پڳ ۽ ڀرت ڀريل هڪڙو پٽو ٺهرائج.
40تون هارون جي پٽن واسطي بہ سندن عزت ۽ زينت جي لاءِ پهراڻ، پٽا ۽ ٽوپيون ٺهرائج. 41اها پوشاڪ تون پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پارائج. انهن کي مسح ڪري مخصوص ڪج تہ جيئن هو وقف ٿي منهنجي حضور ۾ ڪاهن بڻجي خدمت ڪن. 42تون انهن لاءِ سڻيءَ جي ڪپڙي جون سٿڻون ٺهرائج، تہ هو پنهنجو اگھاڙو بدن ڍڪين. اهي سٿڻون چيلهہ کان وٺي رانن تائين هجن. 43جڏهن بہ هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿين، يا انهيءَ جي اڱڻ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قربانگاهہ جي ويجھو وڃن، تڏهن اهي سندن بدن تي هجن، تہ متان ائين نہ ٿئي جو هو ڏوهاري قرار ڏنا وڃن ۽ مري پون. اهو قانون هارون ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد لاءِ هميشہ تائين قائم رهندو.“