خروج 29

29
ڪاهنن جو مخصوص ٿيڻ
(لاوي سرشتو 8‏:1‏-36)
1”منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي خدمت ڪرڻ واسطي هنن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ تون هيئن ڪج، تون هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ بي‌عيب گھٽا وٺج. 2بي‌خميري ماني، تيل ۾ ڳوهيل بي‌خميرا ڍوڍا ۽ تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون، اهي سڀ ميدي مان ٺهرائج. 3اهي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ وجھائي، اها ٽوڪري انهيءَ وهڙي ۽ ٻن گھٽن سان گڏ کڻائي اچي نذر ڪج.
4 هارون ۽ سندس پٽن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ وٺي آڻي تڙ ڪرائج. 5پوءِ تون خاص پوشاڪ کڻائي اچي هارون کي پهراڻ، مذهبي فراڪ جي هيٺان پائڻ وارو جبو، مذهبي فراڪ ۽ سينابند پارائج. ڪاريگريءَ سان ٺهيل مذهبي فراڪ وارو ڪمربند سندس چيلهہ سان ٻڌج. 6سندس مٿي تي پڳ رکج ۽ پڳ جي مٿان ڪهانت جي مخصوصيت واري سوني تختي رکج. 7پوءِ مسح ڪرڻ وارو تيل کڻي، سندس مٿي ۾ وجھي کيس مخصوص ڪج. 8تنهن کان پوءِ سندس پٽن کي ويجھو وٺي اچي کين پهراڻ ڍڪائج. 9تون هارون ۽ سندس پٽن کي چيلهہ سان پٽا ٻڌج ۽ ٽوپيون پارائج.
اهڙيءَ طرح تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪري ڇڏج، تہ جيئن کين ڪهانت جو هميشہ جي لاءِ حق حاصل ٿئي.
10پوءِ تون اهو وهڙو مون سان ملاقات واري خيمي جي سامهون آڻج. هارون ۽ سندس پٽ ان وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن. 11پوءِ تون اهو وهڙو مون خداوند جي آڏو مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ ذبح ڪج. 12وهڙي جو ٿورو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربان‌گاهہ جي سڱن تي لائج ۽ باقي سمورو رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏج. 13پوءِ اها سموري چرٻي جيڪا آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان هوندي آهي ۽ جيري جو پردو، ٻئي بڪيون ۽ مٿن لڳل چرٻي کڻي قربان‌گاهہ تي ساڙي ڇڏج. 14پر وهڙي جو گوشت، کل ۽ سندس اوجھہ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ساڙيا وڃن، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي.
15پوءِ تون هڪڙي گھٽي کي ويجھو آڻج. هارون ۽ سندس پٽ انهيءَ گھٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن. 16پوءِ انهيءَ گھٽي کي تون ذبح ڪري، ان جو رت کڻي قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏج. 17گھٽي جا عضوا وڍي ڌار ڪري، انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوئي انهيءَ جي عضون ۽ منڍيءَ سان گڏ رکج. 18#اف 5‏:2، فلپ 4‏:18 تون اهو سڄو گھٽو قربان‌گاهہ تي ساڙج. اها مون خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قرباني آهي. اها مون لاءِ هڪ وڻندڙ خوشبوءِ واري قرباني آهي، جنهن کي ساڙيو وڃي ٿو.
19پوءِ تون ٻيو گھٽو آڻج، جيڪو مخصوصيت جو گھٽو آهي. هارون ۽ سندس پٽ انهيءَ گھٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن. 20تڏهن انهيءَ گھٽي کي ذبح ڪري، ان جو ڪجھہ رت کڻي، هارون ۽ سندس پٽن جي ساڄي ڪن جي پاپڙين تي، سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺن تي ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺن تي لائج. باقي سمورو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏج. 21قربان‌گاهہ تي پيل رت مان ۽ مسح ڪرڻ واري تيل مان ڪجھہ کڻي هارون تي ۽ سندس خاص پوشاڪ تي ۽ ان سان گڏ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪ تي ڇٽڪاري ڇڏج. اهڙيءَ طرح هارون پنهنجي پوشاڪ سميت ۽ ساڻس گڏ هن جا پٽ پنهنجي پنهنجي پوشاڪ سميت مخصوص ٿي ويندا.
22تون گھٽي جي چرٻي، سندس دنب، ٻي چرٻي جيڪا سندس آنڊن ۽ اوجھريءَ تي هوندي آهي، جيري جو پردو، ٻئي بڪيون، انهن تي لڳل چرٻي ۽ ان جي ساڄي ران کڻج. 23بي‌خميري مانين واري ٽوڪري، جيڪا مون خداوند جي آڏو رکيل هوندي، تنهن مان هڪڙي ماني، هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍج. 24اُهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج. اهي انهن کي مون خداوند جي آڏو هٿن تي بلند ڪن، انهيءَ لاءِ تہ اها هٿن تي بلند ڪرڻ واري قرباني ٿئي. 25پوءِ تون اهي سندن هٿن مان وٺي، قربان‌گاهہ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙي ڇڏج، انهيءَ لاءِ تہ وڻندڙ خوشبوءِ مون خداوند جي آڏو هجي. اها مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني آهي.
26تون هارون جي مخصوصيت واري گھٽي جو سينو ڪڍي، اهو مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪج، انهيءَ لاءِ تہ اها هٿن تي بلند ڪرڻ واري قرباني ٿئي. اهو حصو خاص تنهنجو ٿيندو.
27انهيءَ کان علاوہ ڪاهن جي مخصوص ٿيڻ وقت گھٽي جو هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ جو سينو ۽ دستي، انهن ٻنهي کي خاص قربانيءَ طور ڪاهنن لاءِ مخصوص ڪيو وڃي. 28هن ڪري جو اهو بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ ڪاهنن جو حق ٿئي. سو بني اسرائيل جي طرفان اهو سندن سلامتيءَ جي قربانين مان خاص قرباني ٿيندو، جيڪو سندن طرفان مون خداوند لاءِ آهي.
29 هارون جي خاص پوشاڪ کانئس پوءِ سندس پٽن جي ٿيندي، انهيءَ لاءِ تہ ان ۾ ئي کين مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي. 30جيڪو پٽ سندس جاءِ تي ڪاهن ٿيندو، سو جڏهن مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿئي، تڏهن ست ڏينهن اهي ڪپڙا پائي.
31 مخصوصيت واري گھٽي جو گوشت کڻي وڃي ڪنهن پاڪ جاءِ تي پچايو وڃي. 32پوءِ هارون ۽ سندس پٽ، انهيءَ گھٽي جو گوشت ۽ ٽوڪريءَ ۾ جيڪا ماني هجي، سا مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ويهي کائين. 33کين مقرر ۽ مخصوص ڪرڻ لاءِ جن شين سان ڪفارو ڏنو وڃي، سي بہ هو کائين. پر ڪو ٻيو ماڻهو انهن مان نہ کائي، ڇاڪاڻ تہ اهي مخصوص آهن. 34جيڪڏهن انهيءَ مخصوصيت واري گوشت يا انهيءَ مانيءَ مان ڪجھہ صبح تائين بچي پوي تہ اهو ساڙيو وڃي. اهو کائڻ ۾ نہ اچي، ڇاڪاڻ تہ اهو مخصوص آهي.
35جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ئي تون هارون ۽ سندس پٽن سان ڪج ۽ کين ستن ڏينهن ۾ وقف ڪري ڇڏج. 36تون هر روز پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو پنهنجي ڪفاري طور قربان ڪري قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪج، پوءِ مٿس تيل مکي انهيءَ کي مخصوص ڪج. 37اهڙيءَ طرح ستن ڏينهن تائين تون ڪفارو ڏيندو رهج ۽ قربان‌گاهہ کي مخصوص ڪندو رهج، تہ قربان‌گاهہ خدا لاءِ ئي مخصوص ٿي ويندي. پوءِ جيڪو بہ ماڻهو قربان‌گاهہ کي ڇهي يا جيڪا بہ شيءِ ان تي استعمال ڪئي وڃي سا ضرور مخصوص ٿيل هجي.“
روزانو جون قربانيون
(ڳاڻاٽو 28‏:1‏-8)
38”ڏس، ڪاهن هر روز قربان‌گاهہ تي ٻہ هڪ سالا گھيٽا هميشہ پيش ڪندا رهن. 39انهن مان هڪڙو گھيٽو صبح جو ۽ ٻيو سانجھيءَ جو قربان ڪن. 40پهرئين گھيٽي سان گڏ هڪ ڪلوگرام ميدو ڏين، جنهن ۾ هڪ ليٽر ڪُٽي ڪڍيل زيتون جو تيل مليل هجي. ان سان گڏ هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ لاءِ هجي. 41ٻيو گھيٽو هو سانجھيءَ جو قربان ڪن ۽ انهيءَ سان گڏ بہ صبح وانگر اناج ۽ اوتڻ واري قرباني ڪن، انهيءَ لاءِ تہ اها مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ واري قرباني ٿئي، جا ساڙي وڃي ٿي. 42اها ساڙڻ واري قرباني اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ ٿيندي، جيڪا مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ مون خداوند جي آڏو ڪئي ويندي. اُتي آءٌ اوهان سان ڳالهائيندس ۽ اوهان سان گڏبو رهندس. 43اُتي آءٌ بني اسرائيل سان ملاقات ڪندس ۽ اهو خيمو منهنجي جلوي سان پاڪ ٿي ويندو. 44آءٌ پنهنجي ملاقات واري خيمي ۽ قربان‌گاهہ کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪندس. آءٌ هارون ۽ سندس پٽن کي بہ مخصوص ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اُهي ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪن. 45آءٌ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس ۽ انهن جو خدا هوندس. 46تڏهن اهي ڄاڻيندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، جنهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان. آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.“

Seçili Olanlar:

خروج 29: SB

Vurgu

Paylaş

Karşılaştır

Kopyala

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın