خروج 30

30
لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ
(خروج 37‏:25‏-28)
1”لوبان ساڙڻ جي لاءِ تون هڪڙي قربان‌گاهہ ٺهرائج. تون اها ٻٻر جي ڪاٺ مان ٺهرائج. 2اها چورس هجي، جنهن جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪڙو هڪڙو هٿ هجي. انهيءَ جي اوچائي ڏيڍ هٿ هجي. ان جا سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن. 3تون انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهائج، جيڪو ان جي مٿان، چئن ئي پاسن ۽ سڱن تي هجي. انهيءَ جي چوڌاري سون جي ڪناري ٺهرائج. 4انهيءَ ڪناريءَ جي هيٺان ٻنهي پاسن تي ٻہ سونا ڪڙا ٺهرائج، انهيءَ لاءِ تہ قربان‌گاهہ کي کڻڻ لاءِ اهي ٻانهيون وجھڻ جي جاءِ ٿين. 5اهي ٻانهيون ٻٻر جي ڪاٺيءَ مان ٺهرائج ۽ انهن جي مٿان بہ سونو پٽ چاڙهائج. 6تون اها قربان‌گاهہ ان پردي جي اڳيان رکائج، جيڪو عهد واري صندوق وٽ آهي، جيئن اها رحمت جي پوش جي سامهون رهي، جيڪو عهد واري صندوق جي مٿان آهي. اُتي آءٌ تو سان ملندو رهندس.
7 هارون هر روز صبح جو جڏهن ڏيئن کي ٺيڪ ڪري، تڏهن انهيءَ قربان‌گاهہ تي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙيندو رهي. 8سانجھيءَ جو بہ جڏهن هو ڏيئا ٻاري تڏهن اهو ساڙي. اهو لوبان مون خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي لاءِ اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ ساڙبو رهبو. 9انهيءَ تي ٻئي ڪنهن بہ قسم جو لوبان نہ ساڙيو وڃي، نہ ئي مٿس ساڙڻ واري قرباني يا اناج جي قرباني يا اوتڻ واري قرباني هاري وڃي. 10سال ۾ هڪ دفعو هارون انهيءَ قربان‌گاهہ جي سڱن تي ڪفاري وارو رت هاري ان کي پاڪ ڪري، ڇاڪاڻ تہ اها قربان‌گاهہ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي. اوهان جي سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو دفعو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو رت، جيڪو ڪفاري واسطي آهي، تنهن سان قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيو وڃي.“
جان جو صدقو
11 خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ 12”جڏهن تون بني اسرائيل جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سندن شمار ڪرين، تڏهن انهن مان هر ڪو مرد شمار وقت مون خداوند جي لاءِ پنهنجيءَ جان جو صدقو ڏئي، انهيءَ لاءِ تہ شمار ڪرڻ کان پوءِ منجھن ڪا وبا نہ پوي. 13#خر 38‏:25‏-26، مت 17‏:24 هر هڪ مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور جي حساب سان اڌ سڪو مون خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي. 14هر مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي ۽ جنهن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي، سو مون خداوند جي لاءِ اهو نذرانو ڏئي. 15پنهنجي جانين جي صدقي لاءِ جڏهن هو مون خداوند جي آڏو نذرانو ڏين، تڏهن شاهوڪار اڌ سڪي کان وڌيڪ نہ ڏئي ۽ غريب انهيءَ کان گھٽ نہ ڏئي. 16تون بني اسرائيل کان صدقي جا پئسا وٺي، اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ڪم آڻج، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي طرفان سندن جانين جي صدقي لاءِ اهي مون خداوند جي يادگيريءَ لاءِ نشاني هجن.“
پتل جو حوض
17 خداوند وري موسيٰ کي فرمايو تہ 18#خر 38‏:8 ”تون وضو ڪرڻ لاءِ هڪڙو پتل جو حوض ۽ انهيءَ جي هيٺان رکڻ لاءِ پتل جي گھوڙي ٺهرائج. اهو حوض مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ رکائج ۽ ان ۾ پاڻي ڀرائي ڇڏج. 19اهو هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن ۽ پيرن ڌوئڻ لاءِ استعمال ٿئي. 20جڏهن بہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اچن، تڏهن پاڻيءَ سان وضو ڪن، انهيءَ لاءِ تہ مري نہ پون. جڏهن هو قربان‌گاهہ تي مون خداوند جي خدمت لاءِ ڪي بہ ساڙيون ويندڙ قربانيون ڪرڻ اچن، تڏهن بہ ائين ئي ڪن. 21اهڙيءَ طرح هو پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئي اچن، تان‌تہ مري نہ پون. اهو هنن جي لاءِ ۽ سندن اولاد جي لاءِ، سڀني پيڙهين تائين هميشہ جي واسطي قانون ٿيندو.“
مسح ڪرڻ جو تيل
22 # خر 37‏:29 انهيءَ کان پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 23”عبادت‌گاهہ جي ماپي مطابق عمدا خوشبودار مصالحا، يعني خالص مُرَ جا پنج ڪلوگرام، انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي ڪلوگرام خوشبودار دالچيني ۽ اڍائي ڪلوگرام خوشبودار اگر، 24پنج ڪلوگرام املداس ۽ ساڍا ٽي ليٽر زيتون جو تيل کڻي، 25انهن کي چڱيءَ طرح گڏي، مسح ڪرڻ جو خاص تيل ٺاهيو وڃي، جيڪو عمدو ۽ خوشبودار هجي، جهڙو ڪاريگر عطار ٺاهيندا آهن. اهو مسح ڪرڻ جو مخصوص تيل ٿيندو. 26تون انهيءَ تيل سان مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ عهد واري صندوق کي مسح ڪري مخصوص ڪج. 27تون ميز کي ان جي ٿانون سميت، شمعدان کي ان جي ٿانون سميت ۽ لوبان ساڙڻ واريءَ قربان‌گاهہ کي مسح ڪري مخصوص ڪج. 28ان کان علاوہ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ کي ان جي سڀني ٿانون سميت ۽ حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي بہ مسح ڪري 29مخصوص ڪج، تہ جيئن اهي مون لاءِ ئي مخصوص ٿي وڃن. پوءِ جيڪو بہ ماڻهو انهن کي ڇهي يا جا بہ شيءِ انهن تي استعمال ڪجي سي ضرور مخصوص ٿيل هجن.
30پوءِ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي خدمت ڪن. 31تون بني اسرائيل کي چئج تہ سندن سڀني پيڙهين تائين اهو مخصوص تيل منهنجي لاءِ مسح ڪرڻ واسطي ئي هوندو. 32اهو ڪنهن عام ماڻهوءَ جي بدن تي نہ وڌو وڃي، نڪي انهيءَ جي بناوت جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو پاڪ آهي. سو انهيءَ کي مخصوص ڪري ڄاتو وڃي. 33جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“
لوبان
34پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”خوشبودار مصالحن مُرَ، مصطگي ۽ لاون سان گڏ خالص لوبان بہ کنيو وڃي ۽ اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن. 35پوءِ انهن کي لوڻ جي رائي ڏيئي، ڪاريگر عطار وانگر انهن مان خوشبودار، صاف ۽ پاڪ لوبان بڻايو وڃي. 36تون انهيءَ مان ڪجھہ ڪُٽي تمام سنهو ڪج ۽ انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي سامهون رکج، جتي آءٌ تو سان ملندو رهندس. اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيندو. 37جيڪو لوبان انهيءَ طريقي سان ٺاهيو وڃي، تنهن جهڙو ٻيو لوبان پنهنجي لاءِ ڪوبہ نہ ٺاهي. اهو لوبان مون خداوند جي لاءِ مخصوص هوندو. 38جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سنگھڻ لاءِ انهيءَ جهڙو ٻيو ٺاهيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“

Seçili Olanlar:

خروج 30: SB

Vurgu

Paylaş

Karşılaştır

Kopyala

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın