خروج 31

31
ڪاريگرن جي چونڊ
(خروج 35‏:30‏–36‏:1)
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”ڌيان سان ٻڌ، مون يهوداہ جي قبيلي مان اوريءَ جي پٽ ۽ حور جي پوٽي بصل‌ايل کي چونڊي ڪڍيو آهي. 3مون هن کي دانائيءَ، سمجھہ، علم ۽ هر قسم جي ڪاريگريءَ ۾ پنهنجي روح سان ڀرپور ڪري ڇڏيو آهي، 4انهيءَ لاءِ تہ هو ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي سون، چانديءَ ۽ پتل جون شيون ٺاهي. 5هو هيرن جواهرن کي جڙڻ لاءِ گھڙي تيار ڪري ۽ ڪاٺ کي اُڪري. مطلب تہ هو هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري.
6مون دان جي قبيلي مان احيسمڪ جي پٽ اهلياب کي بہ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. سڀني ڪاريگر ماڻهن جي دلين ۾ هنر وڌو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ جن شين جو مون تو کي حڪم ڏنو آهي، سي سڀ ٺاهي تيار ڪن، 7يعني مون خدا سان ملاقات وارو خيمو، عهد واري صندوق ۽ انهيءَ تي جيڪو رحمت جو پوش آهي سو ۽ خيمي جو سمورو سامان، 8يعني ميز ۽ انهيءَ جو سامان، نج سون جو شمعدان ۽ انهيءَ جا سمورا ٿانوَ، لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ، 9ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جا سمورا ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي، 10عمدا ٺهيل ڪپڙا ۽ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن جي لاءِ خاص پوشاڪون، 11مسح ڪرڻ جو تيل ۽ مقدس جاءِ لاءِ خوشبودار مصالحن جو لوبان. اهي سڀ شيون، جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن هو تيار ڪن.“
سبت، يعني آرام جو ڏينهن
12پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 13”تون بني اسرائيل کي منهنجو هي حڪم ڏج تہ ’اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ضرور ملهائيندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ اوهان جي سڀني پيڙهين تائين اها هڪڙي نشاني هوندي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند ئي آهيان جيڪو اوهان کي مخصوص ٿو ڪريان. 14تنهنڪري اوهين سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهجو، ڇو تہ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ آهي. جيڪو بہ انهيءَ ڏينهن تي ڪو ڪم ڪرڻ سان انهيءَ جي بي‌حرمتي ڪندو، سو ضرور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ماريو ويندو. 15#خر 20‏:8‏-11، 23‏:12، 34‏:21، 35‏:2، لاو 23‏:3، شر 5‏:12‏-14 ڇهہ ڏينهن ڀلي اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستون ڏينهن سبت آهي تنهن تي اوهين آرام ڪريو. اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. جيڪو سبت جي ڏينهن ڪو ڪم ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو.‘ 16تنهنڪري بني اسرائيل سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهن ۽ انهيءَ کي پنهنجي سڀني پيڙهين جي لاءِ هميشہ جو عهد سمجھي قائم رکن. 17#خر 20‏:11 اها منهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ هميشہ جي لاءِ هڪڙي نشاني رهندي، ڇاڪاڻ تہ ڇهن ڏينهن ۾ مون خداوند آسمان ۽ زمين کي بڻايو ۽ ان ستين ڏينهن فارغ ٿي آرام ڪيو هئم.“
18پوءِ جڏهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن کيس عهد واريون ٻہ تختيون ڏنائين. پٿر جي انهن تختين تي خدا پنهنجي آڱر سان پنهنجا حڪم لکيا هئا.

Seçili Olanlar:

خروج 31: SB

Vurgu

Paylaş

Karşılaştır

Kopyala

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın