32
سوني گابي جي پوڄا
(شريعت جو دور 9:6-29)
1 #
رس 7:40
هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“ 2تڏهن هارون کين چيو تہ ”پنهنجي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي مون وٽ کڻي اچو.“ 3تنهن تي سڀيئي ماڻهو انهن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي، اُهي هارون وٽ کڻي آيا. 4#1.با 12:28، رس 7:41 هن اُهي سندن هٿن مان وٺي انهن کي پگھاريو ۽ سانچي ۾ وجھي، جوهريءَ جي اوزار سان انهيءَ مان هڪڙو گابو ٺاهيائين. تڏهن ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.“ 5هارون جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن انهيءَ جي اڳيان هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين. پوءِ هارون پڙهو گھمرايو تہ ”سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.“ 6#1.ڪر 10:7 ٻئي ڏينهن اهي صبح جو سوير اٿيا ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ڪيائون. هنن سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ جانور ذبح ڪيا. پوءِ ماڻهن ويهي کاڌو پيتو ۽ اُٿي عياشيءَ ۾ لڳي ويا.
7تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پنهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. 8جنهن راهہ تي هلڻ جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن. هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو ٺاهي انهيءَ کي سجدو ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ قربانيون ڪيون آهن. ان سان گڏوگڏ هنن چيو آهي تہ ’اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.‘“ 9خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”مون هن قوم کي ڏٺو آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ هيءَ ضدي قوم آهي. 10تنهنڪري هاڻي تون وچ ۾ نہ اچ، مون کي هنن تي سخت ڪاوڙ آهي. آءٌ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. پر آءٌ تو منجھان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.“
11 #
ڳا 14:13-19
تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! تون ڇو پنهنجي انهيءَ قوم سان ايتري ڪاوڙ ٿو ڪرين، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ طاقت سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؟ 12مصرين کي ائين چوڻ جو موقعو ڇو ملي تہ تون کين ٺڳيءَ سان هتان ڪڍي ويو آهين، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي جبلن ۾ ماري وجھين ۽ کين سڄيءَ دنيا تان مِٽائي ڇڏين؟ سو تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ ۽ پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ واري ارادي کي ڇڏي ڏي. 13#پيد 22:16-17، 17:8 تون پنهنجي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر، جن کي تو پنهنجيءَ ذات جو قسم کڻي فرمايو هو تہ ’آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس ۽ هيءُ سڄو ملڪ جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهيءَ جا وارث ٿيندا.‘“ 14تڏهن خداوند پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ کان باز آيو، جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.
موسيٰ جو ڪاوڙجڻ
15پوءِ موسيٰ موٽيو ۽ جبل تان هيٺ لهي آيو. خدا جي عهد جون ٻئي تختيون سندس هٿن ۾ هيون، جيڪي ٻنهي پاسن کان لکيل هيون. 16ٻئي تختيون خدا جون ٺاهيل هيون. انهن تي جيڪي حڪم لکيل هئا سي بہ خدا جا ئي لکيل هئا ۽ اهي تختين تي اُڪريل هئا. 17جڏهن يشوع ماڻهن جي رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”خيميگاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي.“ 18تنهن تي موسيٰ وراڻيو تہ ”اهو آواز نہ تہ فتحمندن جي نعرن جو آهي ۽ نہ وري شڪست کائيندڙن جي دانهن جو، بلڪ جيڪو آواز آءٌ ٻڌان ٿو سو ڳائيندڙن جو آهي.“ 19موسيٰ جڏهن خيميگاهہ جي ويجھو آيو، تڏهن هن اهو گابو ۽ ماڻهن جو ناچ ڏٺو. تنهن تي کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ٻئي تختيون پنهنجي هٿن مان اڇلائي جبل جي تري وٽ ڀڃي ڇڏيون. 20پوءِ جيڪو گابو هنن ٺاهيو هو سو ساڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ وجھي، اهو پاڻي بني اسرائيل کي پيئاريائين.
21 موسيٰ هارون کي چيو تہ ”هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو هو جو تو هنن کي اهڙي وڏي گناهہ ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟“ 22هارون وراڻيو تہ ”اي آقا! مون تي ڪاوڙ نہ ڪريو. اوهين هنن ماڻهن کان واقف آهيو، هنن جو لاڙو هميشہ بڇڙائيءَ ڏانهن آهي. 23هنن مون کي چيو تہ ’اسان کي اهڙا ديوتا ٺاهي ڏي جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.‘ 24تڏهن مون هنن کي چيو تہ جنهن جنهن وٽ سون هجي سو اهو لاهي کڻي اچي. سو هنن اهو مون کي آڻي ڏنو. مون اهو باهہ ۾ وڌو تہ هي گابو نڪري آيو.“
25هاڻي جڏهن موسيٰ ڏٺو تہ ماڻهو قابوءَ مان نڪري ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ هارون هنن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو تہ ڀلي سندن دشمن مٿن ٺٺوليون ڪن، 26تڏهن موسيٰ خيميگاهہ جي در تي اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”جيڪو بہ خداوند جي پاسي آهي سو مون وٽ اچي.“ تڏهن لاويءَ جي قبيلي جا سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا. 27موسيٰ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو آهي تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي تلوار چيلهہ سان ٻڌي خيميگاهہ ۾ در جي اندر هر طرف گشت ڪري ۽ پنهنجي پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پنهنجي دوست ۽ پنهنجي پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري.“ 28لاويءَ جي قبيلي وارن موسيٰ جي حڪم موجب ائين ئي ڪيو. سو انهيءَ ڏينهن انهن ماڻهن مان ٽي هزار ماڻهو مارجي ويا. 29پوءِ موسيٰ لاوي قبيلي وارن کي چيو تہ ”اڄ اوهان پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿي پاڻ کي خداوند جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. اهو اڄ اوهان کي برڪت ڏيندو.“
موسيٰ جي شفاعت
30ٻئي ڏينهن تي موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهان تمام وڏو گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي آءٌ خداوند وٽ مٿي چڙهي ٿو وڃان، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪريان.“ 31پوءِ موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”افسوس! هنن ماڻهن وڏو گناهہ ڪيو آهي جو پنهنجي لاءِ سون جو معبود ٺاهيائون. 32#زب 69:28، مڪا 3:5 هاڻي جيڪڏهن تون سندن هي گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي تنهن مان منهنجو نالو مِٽائي ڇڏ.“ 33پر خداوند موسيٰ کي وراڻيو تہ ”جنهن منهنجو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جو ئي نالو آءٌ پنهنجي ڪتاب مان مِٽائي ڇڏيندس. 34هاڻي تون وڃ ۽ پنهنجيءَ قوم کي انهيءَ جاءِ ڏانهن وٺي وڃ جيڪا مون تو کي ٻڌائي آهي ۽ منهنجو ملائڪ تنهنجي اڳيان هلندو رهندو. پر جڏهن فيصلي جو ڏينهن ايندو تڏهن انهن کي سندن گناهہ جي سزا آءٌ ڏيندس.“
35سو خداوند ماڻهن تي انهيءَ سوني گابي ٺاهڻ واري گناهہ جي ڪري آفت آندي، جيڪو هنن هارون کان ٺهرايو هو.