33
سينا جبل وٽان هليو وڃڻ جو حڪم
1 #
پيد 12:7، 26:3، 28:13 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”روانا ٿيو. تون ۽ اهي سڀيئي ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، سي انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃو جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو تہ اهو آءٌ سندن اولاد کي ڏيندس. 2آءٌ اوهان جي اڳيان هڪڙو ملائڪ رهنمائيءَ لاءِ موڪليندس. آءٌ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي لوڌي ڪڍندس، 3انهيءَ لاءِ تہ ان آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ اوهين داخل ٿي سگھو. پر آءٌ پاڻ اوهان سان گڏ ڪين هلندس، ڇاڪاڻ تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو، سو ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي رستي ۾ ئي ناس ڪري ڇڏيان.“
4جڏهن ماڻهن اها هيبتناڪ خبر ٻڌي تڏهن ڏاڍا رنا ۽ رڙيا ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ پاڻ کي نہ سينگاريو. 5ان جو سبب هي هو تہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ”بني اسرائيل کي منهنجو هي حڪم ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو، سو جيڪڏهن آءٌ هڪڙو لحظو بہ اوهان سان گڏ هلندس تہ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو سينگار لاهي ڇڏيو، پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اوهان سان ڇا ڪريان.‘“ 6سو بني اسرائيل سينا جبل وٽ ئي پنهنجو سينگار لاهي روانا ٿيا.
خدا سان ملاقات وارو تنبو
7 موسيٰ تنبو کڻائي خيميگاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙائيندو هو. انهيءَ تنبوءَ جو نالو ”خدا سان ملاقات وارو تنبو“ رکيو هئائين. جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ چاهيندو هو، سو خيميگاهہ کان ٻاهر انهيءَ تنبوءَ ڏانهن ويندو هو. 8جڏهن موسيٰ انهيءَ تنبوءَ ڏانهن ويندو هو تہ سڀيئي ماڻهو اُٿي پنهنجي پنهنجي خيمي جي در تي بيهي موسيٰ جي پٺيان نهاريندا رهندا هئا، جيستائين هو انهيءَ تنبوءَ ۾ گھڙي نہ ويندو هو. 9پوءِ موسيٰ جڏهن تنبوءَ ۾ گھڙي ويندو هو تہ ڪڪر جو ٿنڀو لهي اچي تنبوءَ جي در تي بيهندو هو ۽ خداوند موسيٰ سان ڳالهائيندو هو. 10جڏهن سڀيئي ماڻهو ڪڪر جو ٿنڀو تنبوءَ جي در تي بيهندو ڏسندا هئا تہ سمورا ماڻهو پنهنجي پنهنجي خيمي جي در تي ئي انهيءَ کي سجدو ڪندا هئا. 11خداوند موسيٰ سان روبرو ائين ڳالهائيندو هو جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو آهي. پوءِ موسيٰ موٽي خيميگاهہ ۾ ايندو هو. پر سندس خدمتگار يشوع ولد نون، جيڪو هڪڙو نوجوان ماڻهو هو سو انهيءَ تنبوءَ جي اندر ئي رهندو هو.
خداوند جو جلوو ڏسڻ لاءِ موسيٰ جو عرض
12 موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”بيشڪ تو مون کي چيو آهي تہ ’هنن ماڻهن کي وٺي هل.‘ پر تو مون کي اهو ڪونہ ٻڌايو آهي تہ مون سان گڏ ڪنهن کي موڪليندين، جيتوڻيڪ تو ائين بہ فرمايو آهي تہ ’آءٌ تو کي نالي سان سڃاڻان ٿو‘ ۽ ’منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي.‘ 13سو منهنجو عرض آهي تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ جيئن آءٌ تنهنجي خدمت ڪندو رهان ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هميشہ رهي. اهو خيال پڻ رک تہ هيءَ قوم تنهنجي ئي آهي.“
14تڏهن خداوند فرمايو تہ ”آءٌ تو سان گڏ هلندس ۽ تو کي آرام ڏيندس.“ 15موسيٰ چيس تہ ”جيڪڏهن تون ساڻ نہ ٿو هلين تہ پوءِ اسان کي هتان اڳتي نہ وٺي هل. 16هن ڪري جو پوءِ اها خبر ڪيئن پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ۽ تنهنجي قوم تي آهي؟ اها خبر انهيءَ ڳالهہ مان ئي پوندي جو تون اسان سان گڏ هلندو رهين، تہ جيئن آءٌ ۽ تنهنجي قوم سڄيءَ دنيا جي قومن کان ڌار ليکجون.“ 17تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آءٌ ائين بہ ڪندس جيئن تون چوين ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي ۽ آءٌ تو کي نالي سان سڃاڻان ٿو.“
18تنهن تي موسيٰ چيس تہ ”ڀلا مون کي پنهنجو جلوو ڏيکار.“ 19#رو 9:15 خداوند وراڻي ڏنس تہ ”آءٌ پنهنجي سڄي ڀلائي تنهنجي اڳيان ظاهر ڪندس. آءٌ تنهنجي ئي اڳيان پنهنجي نالي خداوند جو اعلان ڪندس. جنهن تي فضل ڪرڻو هوندم تنهن تي فضل ڪندس ۽ جنهن تي رحم ڪرڻو هوندم تنهن تي رحم ڪندس. 20پر تون منهنجو منهن ڏسي ڪين سگھندين، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي، جيڪو مون کي ڏسي ۽ جيئرو رهي.“ 21پوءِ خداوند چيس تہ ”اِجھا، هيءَ جاءِ منهنجي ويجھو ئي آهي، تون انهيءَ ٽڪريءَ تي اچي بيهہ. 22جنهن وقت منهنجو جلوو اتان لنگھندو تنهن وقت آءٌ تو کي انهيءَ ٽڪريءَ جي ڦاٽ ۾ لڪائي رکندس. جيستائين آءٌ لنگھي نہ وڃان تيستائين پنهنجي هٿ سان تو کي ڍڪي ڇڏيندس. 23پوءِ جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ هٽائيندس تہ تون منهنجي پٺ ڏسندين، ڇاڪاڻ تہ منهنجو منهن نہ ڏسجي.“