خروج 34

34
عهد واريون نيون تختيون
(شريعت جو دور 10‏:1‏-5)
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون گھڙائي تيار ڪر. آءٌ انهن تي اهي ڳالهيون لکندس جيڪي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو. 2صبح جو سوير تيار ٿي سينا جبل تي چڙهي اچج. اُتي جبل جي چوٽيءَ تي منهنجي اڳيان اچي حاضر ٿج. 3تو سان گڏ ٻيو ڪوبہ مٿي نہ چڙهي. ڪوبہ ماڻهو سڄي جبل تي ڏسڻ ۾ نہ اچي، ايتري قدر جو انهيءَ جبل جي اڳيان رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا بہ نہ چرن.“ 4سو موسيٰ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون گھڙي تيار ڪيون. جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن هو ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اٿيو ۽ اُهي پٿر جون تختيون پنهنجي هٿن ۾ کڻي سينا جبل تي چڙهي ويو.
5 # خر 3‏:14 جڏهن خداوند ڪڪر ۾ هيٺ لهي آيو ۽ موسيٰ سان اچي گڏ بيٺو تڏهن پنهنجو نالو #34‏:5 ”خداوند“ عبراني ٻوليءَ ۾ هي خدا جو پاڪ نالو سمجھيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ بائيبل مقدس جي هن سنڌي ترجمي ۾ اڪثر ڪري لفظ ”خداوند“ استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ جو واسطو ڪنهن ٻئي عبراني لفظ سان آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”آءٌ آهيان.“ سو انهيءَ پاڪ نالي جو مطلب گھڻو ڪري هي آهي تہ ”آءٌ آهيان ئي آهيان“ يا ”آءٌ هوندس ئي هوندس“ يا ”آءٌ اهو آهيان جيڪو هر شيءِ کي وجود ۾ آڻيان ٿو.“ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ پڻ. خداوند“ ٻڌايائين. 6#خر 20‏:5‏-6، ڳا 14‏:18، شر 5‏:9‏-10، 7‏:9‏-10 خداوند موسيٰ جي اڳيان هيئن چوندي لنگھيو تہ
”آءٌ خداوند آهيان، هائو، اهو خداوند،
جيڪو رحمان ۽ رحيم خدا آهي،
لافاني شفقت ۽ وفا سان ڀرپور ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ بلڪل ڍرو.
7آءٌ هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪرڻ وارو آهيان.
بيشڪ آءٌ بڇڙائيءَ، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهيان،
پر ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس.
آءٌ ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا
سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندس.“
8تڏهن موسيٰ تڪڙو ٿي زمين تي سر جھڪائي سجدو ڪيو. 9هو چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجا رب! جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پوءِ اي مالڪ! منهنجو عرض آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل، ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو ضدي آهن. تون اسان جا گناهہ ۽ خطائون معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي ميراث بڻائي قبول ڪر.“
نئين سر عهد ٻڌڻ
(خروج 23‏:14‏-19، شريعت جو دور 7‏:1‏-5، 16‏:1‏-17)
10تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اڄ آءٌ پوري قوم سان هڪ عهد ٻڌندس ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم جي اڳيان اهڙا معجزا ڏيکاريندس، جيڪي سڄي دنيا ۾ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪڏهن ڪونہ ڪيا ويا آهن. اوهان جي واسطي جيڪي هيبتناڪ ڪم آءٌ خداوند ڪندس، سي اهي سڀ قومون ڏسي ڊڄي وينديون جن ۾ اوهين رهو ٿا. 11جيڪي حڪم آءٌ اوهان کي اڄ ڏيان ٿو تن تي عمل ڪجو. ڏسو، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان سندن ملڪ مان لوڌي ٿو ڪڍان. 12خبردار، جنهن ملڪ ۾ اوهين وڃو ٿا تنهن جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد نہ ڪجو، متان اهو اوهان لاءِ ڦندو بڻجي پوي. 13#شر 16‏:21 بلڪ اوهين هنن جي قربان‌گاهن کي ڊاهي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏجو ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتيون وڍي ڇڏجو.
14اوهين ڪنهن بہ ٻئي معبود کي سجدو نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند، جنهن جو نالو غيور آهي، سو غيرت وارو خدا آهيان. 15خبردار، اوهان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد نہ ڪجو. انهيءَ سبب جو جڏهن اهي پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني ڪن، تہ متان انهن مان ڪو اوهان کي دعوت ڏئي ۽ اوهين انهن جي قربانيءَ منجھان ڪجھہ کائو. 16متان اوهان انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن سان پرڻايو ۽ اهي ڇوڪريون پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ اوهان جي پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳائي بدڪار بڻائين.
17 # خر 20‏:4، لاو 19‏:4، شر 5‏:8، 27‏:15 اوهين پنهنجي لاءِ ڌاتوءَ مان پلٽيل معبود نہ ٺاهجو.
18 # خر 12‏:14‏-20، لاو 23‏:6‏-8، ڳا 28‏:16‏-25 اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ڪندا رهجو. جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ابيب مهيني ۾ مقرر ڪيل وقت تي ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. 19#خر 13‏:2 سڀيئي پهريتا منهنجا آهن. اوهان جي چوپائي مال مان ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا نر ٻچا منهنجا آهن. 20#خر 13‏:13 اوهين گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوض ۾ هڪڙو گھيٽو يا ڇيلو ڏجو. جيڪڏهن اوهان انهيءَ جو عيوض ڏيڻ نہ چاهيو تہ پوءِ انهيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏجو. پر اوهين پنهنجن سڀني پهريتن پٽن جو عيوض ضرور ڏجو. ڪوبہ مون وٽ خالي هٿين نہ اچي.
21 # خر 20‏:9‏-10، 23‏:12، 31‏:15، 35‏:2، لاو 23‏:3، شر 5‏:13‏-14 ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪندا رهجو پر ستين ڏينهن آرام ڪجو، پوءِ اهو هر ڪاهڻ يا لاباري ڪرڻ جو وقت ڇو نہ هجي. 22#لاو 23‏:15‏-21‏،39‏-43، ڳا 28‏:26‏-31 اوهين ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت لاباري جي عيد ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ تنبن واري عيد ملهائجو. 23سال ۾ انهن ٽنهي موقعن تي اوهان جا سڀ مرد، مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين. 24آءٌ قومن کي اوهان جي ملڪ مان لوڌي ڪڍندس ۽ اوهان جون حدون وڌائيندس. جڏهن اوهين سال ۾ اهي ٽي دفعا مون پنهنجي خداوند خدا جي آڏو حاضر ٿيڻ لاءِ عبادت‌گاهہ ۾ ايندا، تڏهن ڪوبہ ماڻهو اوهان جي زمين جي لالچ نہ ڪندو.
25 # خر 12‏:10 اوهين منهنجي واسطي ڪيل جانور جي قربانيءَ واري رت سان خميري ماني گڏي نذراني طور پيش نہ ڪجو. اوهين عيد فصح واري جانور جي قربانيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکجو. 26#شر 14‏:21، 26‏:2 هر سال اوهين پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻجو.
اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ پچائجو.“
27پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون تون پاڻ لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ انهن ئي ڳالهين موجب مون تو سان ۽ بني اسرائيل سان عهد ٻڌو آهي.“ 28موسيٰ خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو، پر اتي نڪي ماني کاڌائين ۽ نہ پاڻي پيتائين. اتي هن ٻنهي تختين تي انهيءَ عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.
موسيٰ جو سينا جبل تان هيٺ اچڻ
29 # 2.ڪر 3‏:7‏-16 موسيٰ جڏهن اهي ٻئي عهد واريون تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تان هيٺ لٿو پئي، تڏهن کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪري سندس منهن چمڪي رهيو آهي. 30جڏهن هارون ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن موسيٰ ڏانهن نهاريو ۽ ڏٺائون تہ سندس منهن چمڪي رهيو آهي، تڏهن اهي سندس ويجھو وڃڻ کان ڊڄي ويا. 31تنهن تي موسيٰ کين سڏ ڪيو تہ هارون ۽ سڀ اڳواڻ وٽس وڌي آيا. پوءِ موسيٰ ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لڳو. 32ان کان پوءِ سمورا بني اسرائيل موسيٰ جي ويجھو آيا تہ موسيٰ کين انهن سڀني ڳالهين جو حڪم ڏنو، جيڪي خداوند سينا جبل تي ساڻس ڪيون هيون. 33جڏهن موسيٰ انهن سان ڳالهيون ڪري بس ڪئي تڏهن پنهنجي منهن تي نقاب وجھي ڇڏيائين. 34پوءِ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيندو هو تہ نقاب لاهي ڇڏيندو هو. جيڪو حڪم کيس ملندو هو سو ٻاهر اچي بني اسرائيل کي ٻڌائيندو هو. 35بني اسرائيل موسيٰ جي منهن ڏانهن نهاريندا هئا تہ هنن کي سندس منهن چمڪندڙ نظر ايندو هو. تنهنڪري موسيٰ جيستائين خدا سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وري اندر نہ ويندو هو، تيستائين پنهنجي منهن تي نقاب وجھي ڇڏيندو هو.

Seçili Olanlar:

خروج 34: SB

Vurgu

Paylaş

Karşılaştır

Kopyala

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın