25
بني اسرائيل جي بدڪاري
1جڏهن بني اسرائيل شطيم ماٿريءَ ۾ رهيا پيا هئا، تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن اتي جي رهاڪو موآبي عورتن سان زناڪاري شروع ڪري ڏني. 2اهي عورتون کين پنهنجن معبودن جي اڳيان قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏينديون هيون. هو اتي وڃي کاڌو کائيندا هئا ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا. 3اهڙيءَ طرح بني اسرائيل موآبين جي پعور واري بعل معبود جي پوڄا ڪرڻ لڳا. سو خداوند کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ آئي. 4تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀني اڳواڻن کي پڪڙي منهنجي اڳيان کين ڏينهن ڏٺي جو ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏ، تہ جيئن مون خداوند جو غضب بني اسرائيل تان ٽري وڃي.“ 5تڏهن موسيٰ بني اسرائيل جي حاڪمن کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پنهنجي قبيلي جي هر انهيءَ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو پعور واري بعل معبود جي پوڄا ڪندڙ آهي.“
6پوءِ جڏهن سمورا ماڻهو خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو روئي رهيا هئا، تڏهن بني اسرائيل جو هڪڙو ماڻهو، موسيٰ ۽ سڄيءَ قوم جي اکين اڳيان، هڪڙي مدياني عورت کي پاڻ سان گڏ پنهنجي قوم ۾ وٺي آيو. 7جڏهن هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس هي ڏٺو تڏهن هو گڏ ٿيل ماڻهن منجھان اُٿي هليو. هن پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو کنيو 8۽ انهيءَ مرد جي پٺيان قبي واري هڪ تنبوءَ ۾ گھڙيو، جتي هن انهن ٻنهي، يعني انهيءَ مرد ۽ ان عورت جي پيٽ ۾ اُهو ڀالو ٽُنبي ڏنو. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل منجھان وبا ختم ٿي. 9پر اها وبا اڳ ۾ ئي چوويهہ هزار ماڻهو ماري چڪي هئي.
10 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 11”هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس جيڪي ڪيو آهي، تنهن سبب بني اسرائيل تان منهنجي ڪاوڙ ٽري ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هنن مان منهنجي غيرت جي ڪري غيرتمند ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو مون بني اسرائيل کي پنهنجي غيرت سببان برباد نہ ڪيو. 12تنهنڪري تون فينحاس کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ساڻس پنهنجو صلح جو عهد ٿو ڪريان. 13اهو عهد هن سان ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد سان هميشہ جي ڪهانت جو عهد آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون پنهنجي خدا جي خاطر غيرت ڪئي ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين.“
14بني اسرائيل جو اهو مرد جيڪو مدياني عورت سان گڏ ماريو ويو هو تنهن جو نالو زمري ولد سلو هو. هو شمعون قبيلي مان هڪڙي گھراڻي جو وڏو هو. 15جيڪا مدياني عورت ماري ويئي تنهن جو نالو ڪزبي هو. هوءَ صور جي ڌيءَ هئي جيڪو مديان جي قبيلن جو رئيس هو.
16 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 17”اوهين مديانين کي ستايو ۽ کين ماريو، 18ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان پعور واريءَ ڳالهہ ۽ سندن ڀيڻ ڪزبيءَ واري ڳالهہ ۾ ستايو، جيڪا پعور جي سببان آيل وبا جي وقت ۾ ماري ويئي هئي.“