ڳاڻاٽو 26

26
ٻي مردم‌شماري
1 # ڳا 1‏:1‏-46 وبا کان پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي فرمايو تہ 2”اوهين سڄي بني اسرائيل جو گھراڻن موجب شمار ڪريو. انهن سمورن مردن جو شمار ڪريو جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي ۽ جنگي خدمتن جي لائق هجن.“ 3سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي ڪناري تي پوريءَ قوم کي گڏ ڪيو، 4تہ جيئن خداوند جي حڪم موجب جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي تن جو شمار ڪيو وڃي.
جيڪي بني اسرائيل مصر مان نڪري آيا هئا سي هي هئا. 5روبن جيڪو اسرائيل جو پهريتو پٽ هو تنهن جي قبيلي مان حنُوڪ جو نسل، فلو جو نسل، 6حصرون جو نسل ۽ ڪرميءَ جو نسل هو. 7بني روبن جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد ٽيتاليهہ هزار ست سؤ ٽيهہ هو. 8فلو جي اولاد مان الياب 9۽ سندس پٽ نموايل، داتن ۽ ابيرام هئا. هي اهي داتن ۽ ابيرام آهن، جيڪي قوم جا اڳواڻ ڪري چونڊيا ويا هئا ۽ جڏهن قورح جي ٽولي خداوند خلاف بغاوت ڪئي هئي، تڏهن هو بہ موسيٰ ۽ هارون خلاف ساڻن گڏ هئا. 10جڏهن باهہ انهيءَ ٽولي جي اڍائي سؤ ماڻهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ اهو ٽولو مري ويو، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن ٻنهي کي قورح سميت ڳهي ويئي. سو اهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان بڻيا. 11پر قورح جا پٽ ڪونہ ماريا ويا.
12شمعون جي قبيلي مان نموايل جو نسل، يامين جو نسل، يڪين جو نسل، 13زارح جو نسل ۽ شائول جو نسل هو. 14بني شمعون جي مردن جو تعداد ٻاويهہ هزار ٻہ سؤ هو.
15جد جي قبيلي مان صفون جو نسل، حجيءَ جو نسل، سونيءَ جو نسل، 16آزنيءَ جو نسل، عيريءَ جو نسل، 17ارود جو نسل ۽ اريليءَ جو نسل هو. 18بني جد جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد چاليهہ هزار پنج سؤ هو.
19‏-21يهوداہ جي قبيلي مان شيلاہ جو نسل، فارص جو نسل، زارح جو نسل ۽ فارص جي پٽن مان حصرون جو نسل ۽ حمول جو نسل هو. جڏهن تہ يهوداہ جي پٽن مان ٻہ ڄڻا عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ ئي مري ويا هئا. 22بني يهوداہ جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد ڇاهتر هزار پنج سؤ هو.
23اِسڪار جي قبيلي مان تولع جو نسل، فواہ جو نسل، 24يسوب جو نسل ۽ شمرون جو نسل هو. 25بني اِسڪار جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد چوهٺ هزار ٽي سؤ هو.
26زبولون جي قبيلي مان سرد جو نسل، ايلون جو نسل ۽ يهل‌ايل جو نسل هو. 27بني زبولون جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد سٺ هزار پنج سؤ هو.
28 يوسف جا قبيلا، سندس ٻنهي پٽن منسي ۽ افرائيم منجھان هي هئا:
29منسيءَ جي قبيلي مان مڪير جو نسل ۽ سندس پٽ جِلعاد جو نسل هو. 30جِلعاد جي قبيلي مان ايعزر جو نسل، خلق جو نسل، 31اسري‌ايل جو نسل، سڪم جو نسل، 32شميدع جو نسل ۽ حفر جو نسل هو. 33حفر جي پٽ صلافحاد کي پٽ جو اولاد ڪونہ هو رڳو ڌيئر هئس، جن جا نالا هي آهن: محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، مِلڪاہ ۽ ترضاہ. 34بني منسيءَ جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد ٻاونجاهہ هزار ست سؤ هو.
35افرائيم جي قبيلي مان شوٿلح جو نسل، بڪر جو نسل ۽ تحن جو نسل هو. 36شوٿلح جي پٽ عيران جو نسل پڻ هو. 37بني افرائيم جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد ٻٽيهہ هزار پنج سؤ هو. اهي ٻئي قبيلا يوسف جو اولاد آهن.
38بنيامين جي قبيلي مان بلع جو نسل، اشبيل جو نسل، احيرام جو نسل، 39شوفام جو نسل ۽ حوفام جو نسل هو. 40بلع جي ٻنهي پٽن ارد ۽ نعمان جا نسل پڻ هئا. 41بني بنيامين جي نسلن جي مردن جو تعداد پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ هو.
42دان جي قبيلي مان شوحام جو نسل هو. 43انهيءَ نسل جي مردن جو تعداد چوهٺ هزار چار سؤ هو.
44آشر جي قبيلي مان يمناہ جو نسل، اِشويءَ جو نسل ۽ بريعاہ جو نسل هو. 45بريعاہ جي ٻنهي پٽن حبر ۽ ملڪي‌ايل جا نسل پڻ هئا. 46آشر کي هڪ ڌيءَ بہ هئي جنهن جو نالو سارہ هو. 47بني آشر جي نسلن جي مردن جو تعداد ٽيونجاهہ هزار چار سؤ هو.
48نفتاليءَ جي قبيلي مان يحصي‌ايل جو نسل، جُونيءَ جو نسل، 49يصر جو نسل ۽ شليم جو نسل هو. 50بني نفتاليءَ جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد پنجيتاليهہ هزار چار سؤ هو. 51سو بني اسرائيل مان جن مردن جو شمار ڪيو ويو سي جملي ڇهہ لک هڪ هزار ست سؤ ٽيهہ ٿيا.
52 # ڳا 34‏:13، يش 14‏:1‏-2 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 53”انهن قبيلن کي اها زمين نالن موجب ورثي طور ورهائي ڏني وڃي. 54جنهن قبيلي ۾ گھڻا ماڻهو هجن تنهن کي گھڻو حصو ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن تنهن کي ٿورو حصو ڏنو وڃي. مطلب تہ هر هڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب حصو ڏنو وڃي. 55البت زمين جي ورهاست لاءِ پُکا وڌا وڃن. سڀني کي سندن اباڻن قبيلن جي نالن موجب حصو ڏنو وڃي. 56ننڍي توڙي وڏي قبيلي کي پُکن جي ذريعي حصو ڏنو وڃي.“
57 لاوي قبيلي وارا جن جو شمار ڪيو ويو سي هي هئا: جيرشون جو نسل، قهات جو نسل ۽ مراريءَ جو نسل. 58انهيءَ کان سواءِ لاوين جا هي نسل بہ آهن: لبني جو نسل، حبرون جو نسل، محليءَ جو نسل، موشيءَ جو نسل ۽ قورح جو نسل. قهات کي عمرام نالي هڪ پٽ هو. 59عمرام، لاويءَ جي ڌيءَ يوڪبد سان پرڻيل هو جا لاويءَ کي مصر ۾ ڄائي هئي. انهيءَ مان عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ ۽ هڪڙي ڌيءَ مريم ڄاوا. 60#ڳا 3‏:2 هارون کي هي پٽ ڄاوا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر. 61#لاو 10‏:1‏-2، ڳا 3‏:4 ندب ۽ ابيهو انهيءَ ڏينهن مري ويا جنهن ڏينهن خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ سان نذرانو پيش ڪيو هئائون. 62سڀ لاوي مرد جن جي عمر هڪ مهينو يا انهيءَ کان مٿي هئي، تن جو تعداد ٽيويهہ هزار هو. انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ورثو ڪونہ مليو.
63هي اهي نسل آهن جن جو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي ڪناري تي شمار ڪيو. 64انهن ۾ اهڙو هڪڙو بہ ماڻهو موجود ڪونہ هو، جنهن کي موسيٰ ۽ هارون پهرئين دفعي سينا جي بيابان ۾ شمار ڪيو هو. 65#ڳا 14‏:26‏-35 اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند انهن جي باري ۾ فرمايو هو تہ ”اهي سڀ ضرور بيابان ۾ مري ويندا.“ سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو بہ ماڻهو ڪونہ بچيو.

Seçili Olanlar:

ڳاڻاٽو 26: SB

Vurgu

Kopyala

Karşılaştır

Paylaş

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın