ڳاڻاٽو 27

27
صلافحاد جون ڌيئر
1 يوسف جي پٽ منسيءَ جي نسل مان صلافحاد ولد حفر، ولد جِلعاد، ولد مڪير، ولد منسيءَ کي هي ڌيئر هيون: محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، مِلڪاہ ۽ ترضاہ. 2هو خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو موسيٰ، اليعزر ڪاهن، اڳواڻن بلڪ سڄيءَ قوم جي اڳيان اچي بيٺيون ۽ چوڻ لڳيون تہ 3”اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو. هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو جيڪي قورح جي ٽولي ۾ گڏ ٿي خداوند جي خلاف ٿيا هئا، بلڪ هو پنهنجي ئي گناهہ جي ڪري مري ويو. هن کي ڪوبہ پٽ ڪونہ هو. 4سو محض پٽ نہ هئڻ ڪري اسان جي پيءُ جو نالو سندس نسل مان ڇو نڪري وڃي؟ تنهنڪري اسان جي پيءُ جي مائٽن سان گڏ اسان کي بہ حصو ڏنو وڃي.“
5 موسيٰ انهن جو معاملو خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو. 6خداوند کيس فرمايو تہ 7#ڳا 36‏:2 ”صلافحاد جون ڌيئر سچ ٿيون چون. تون کين سندن پيءُ جي مائٽن سان گڏ ورثي جو حق ڏي. انهن کي سندن پيءُ جو ورثو ڏي. 8تون بني اسرائيل کي ٻڌائي ڇڏ تہ جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو مري وڃي جنهن کي پٽ نہ هجي، تہ پوءِ انهيءَ جو ورثو سندس ڌيءَ کي ڏنو وڃي. 9جيڪڏهن هن کي ڪا ڌيءَ بہ نہ هجي تہ پوءِ سندس ورثو سندس ڀائرن کي ڏنو وڃي. 10جيڪڏهن هن کي ڪو ڀاءُ بہ نہ هجي، تہ پوءِ سندس ورثو سندس چاچن کي ڏنو وڃي. 11پر جيڪڏهن کيس ڪو چاچو بہ نہ هجي تہ پوءِ جيڪو سندس سڀني کان ويجھو مائٽ هجي، تنهن کي انهيءَ جو ورثو ڏنو وڃي. اهو ئي سندس وارث ٿيندو. اهو بني اسرائيل جي لاءِ شرعي فرض ٿيندو، جيئن مون خداوند تو کي فرمايو آهي.“
موسيٰ جو جاءِ‌نشين
(شريعت جو دور 31‏:1‏-8)
12 # شر 3‏:23‏-27، 32‏:48‏-52 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون عباريم جي هن جبل تي چڙهہ ۽ جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان سو ڏس. 13انهيءَ ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ تون بہ پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين، 14ڇاڪاڻ تہ صين جي بيابان ۾ اوهين ٻيئي منهنجي حڪم جي خلاف هليا. جڏهن سڄيءَ قوم پاڻيءَ جي چشمي مريباہ وٽ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي، تڏهن اوهان هنن جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي.“ صين جي بيابان ۾ قادش وٽ مريباہ نالي پاڻيءَ جو هڪ چشمو آهي.
15 موسيٰ خداوند کي چيو تہ 16”اي خداوند خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هن قوم جي مٿان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي مقرر ڪر، 17#1.با 22‏:17، حز 34‏:5، مت 9‏:36، مر 6‏:34 جيڪو جنگ تي وڃڻ وقت ۽ موٽي اچڻ وقت هنن جي اڳيان هلي ۽ سندن اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ سندن رهنمائي ڪري، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.“
18‏-19 # خر 24‏:13 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”نون جو پٽ يشوع، جنهن کي نعمتون عطا ٿيل آهن، تنهن کي آڻي اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم جي اڳيان بيهاري انهن سڀني جي سامهون تون سندس مٿي تي پنهنجو هٿ رکي کيس پنهنجو جاءِ‌نشين مقرر ڪر. 20تون پنهنجي ڪجھہ حشمت هن کي ڏي تہ جيئن بني اسرائيل جي سڄي قوم هن جي فرمانبرداري ڪري. 21#خر 28‏:30، 1.سم 14‏:41، 28‏:6 يشوع اليعزر ڪاهن وٽ پيو ايندو رهندو، جيڪو اليعزر جي طرفان مون خداوند جي حضور مان #27‏:21 اُوريم ۽ ٿُميم ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي منهنجي مرضي معلوم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح اليعزر اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ يشوع ۽ سڄيءَ قوم جي رهنمائي ڪندو.“
22سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو. هن يشوع کي وٺي اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم جي اڳيان بيهاريو. 23#شر 31‏:23 هن انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ کيس پنهنجو جاءِ‌نشين مقرر ڪيائين، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

Seçili Olanlar:

ڳاڻاٽو 27: SB

Vurgu

Kopyala

Karşılaştır

Paylaş

None

Önemli anlarınızın tüm cihazlarınıza kaydedilmesini mi istiyorsunuz? Kayıt olun ya da giriş yapın