اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بتپرست، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊيباز، چور، لالچي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.