1.ڪرنٿين 6

6
هڪٻئي تي ڪيس نہ ڪريو
1ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي جو اوهان مان ڪنهن جو ٻئي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪو قانوني معاملو آهي تہ فيصلي لاءِ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن وٽ نہ، پر غير ايمان وارن جي عدالت ۾ وڃي ٿو. 2اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ئي دنيا جو انصاف ڪندا؟ سو جڏهن دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟ 3ڇا اوهين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ هن دنيا جا معاملا اسين پاڻ ڇو نہ نبيريون؟ 4تنهنڪري جيڪڏهن اوهان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ دنيا جا معاملا آهن تہ انهن فيصلن لاءِ اوهين اهڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي ڪليسيا جي نظر ۾ حقير آهن؟ 5آءٌ اوهان کي احساس ٿو ڏياريان تہ هي ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي. ڇا اوهان ۾ ڪوبہ اهڙو سياڻو ڪونهي جيڪو اوهان ڀائرن ڀينرن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟ 6پر اٽلندو اوهين ڀائر ڀينر هڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو سو بہ غير ايمان وارن وٽ.
7حقيقت ۾ هڪٻئي تي ڪيس ڪرڻ ئي اوهان جي وڏي ناڪامي آهي. اوهين ناانصافي سهڻ ڇو نہ ٿا بهتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟ 8بلڪ اوهين تہ خود ئي ناانصافي ڪريو ٿا ۽ ڦُريو ٿا، سو بہ پنهنجن ڀائرن ڀينرن کي.
9اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بت‌پرست، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز، 10چور، لالچي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا. 11اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.
اوهان جو بدن پاڪ روح جو گھر
12 # 1.ڪر 10‏:23 اوهان مان ڪو پنهنجي لاءِ چوي تہ ”هر ڪا شيءِ منهنجي لاءِ جائز آهي.“ ٺيڪ آهي، پر هر ڪا شيءِ فائدي واري نہ آهي. هائو، هر ڪا شيءِ منهنجي لاءِ بہ جائز آهي، پر آءٌ ڪنهن بہ شيءِ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيندس. 13بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ خدا ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ بدن زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ خداوند عيسيٰ جي خدمت لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي. 14انهيءَ ڪري خدا جهڙيءَ طرح پنهنجي قدرت سان خداوند عيسيٰ کي جيئرو ڪري اٿاريو، تهڙيءَ طرح هو اسان کي بہ جيئرو ڪري اٿاريندو. 15ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اسان جا بدن مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنهن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، هرگز نہ. 16#پيد 2‏:24 ڇا اوهين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ميلاپ ڪري ٿو، سو انهيءَ سان گڏجي هڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”اهي ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.“ 17جڏهن تہ جيڪو خداوند عيسيٰ سان ميل ميلاپ رکي ٿو سو پاڪ روح جي لحاظ کان ساڻس هڪ ٿي وڃي ٿو.
18سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر گناهہ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي بدن جو گنهگار آهي. 19#1.ڪر 3‏:16، 2.ڪر 6‏:16 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جو گھر آهي؟ اهو پاڪ روح جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو سو خدا اوهان کي بخشيو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو، 20ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاهر ڪريو.

اکنون انتخاب شده:

1.ڪرنٿين 6: SB

های‌لایت

کپی

مقایسه

به اشتراک گذاشتن

None

می خواهید نکات برجسته خود را در همه دستگاه های خود ذخیره کنید؟ برای ورودثبت نام کنید یا اگر ثبت نام کرده اید وارد شوید