1.ڪرنٿين 2

2
پولس رسول جو پيغام ڏيڻ جو انداز
1جڏهن آءٌ اوهان ڀائرن ڀينرن وٽ آيو هئس تہ مون خدا جي راز جي منادي ڏکين ۽ ڏاهپ وارن لفظن کان سواءِ ڪئي هئي. 2مون اهو پڪو ارادو ڪيو هو تہ جيترو وقت آءٌ اوهان وٽ رهان تہ عيسيٰ مسيح، بلڪ سندس صليب تي چڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڳالهايان. 3#رس 18‏:9 آءٌ اوهان وٽ ڪمزوريءَ، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ واري حالت ۾ آيس. 4منهنجي تقرير ۽ تبليغ ڏاهپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پاڪ روح جي قدرت سان يقين ڪرڻ جهڙيون ثابت ٿي پئي ويون، 5انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهان جو ايمان ماڻهن جي ڏاهپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم هجي.
خدا کان مليل ڏاهپ
6تنهن هوندي بہ پختي ايمان وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن دنيا جي آهي، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن. 7اسين تہ خدا جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا خدا دنيا جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي. 8انهيءَ ڏاهپ کي هن دنيا جي حاڪمن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو. جيڪڏهن اهي سمجھن ها تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏهن بہ صليب تي ڪين چاڙهين ها. 9#يس 64‏:4 پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي،
نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي
۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي،
سو خدا پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“
10پر اسان تي خدا اهو پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح سڀني ڳالهين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالهين کي بہ معلوم ڪري ٿو وٺي. 11ماڻهوءَ جا خيال سندس روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. ساڳيءَ طرح خدا جا خيال سندس پاڪ روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. 12اسان کي دنياوي روح نہ، بلڪ خدا جي طرفان پاڪ روح مليل آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين انهن ڳالهين کي ڄاڻون جيڪي خدا اسان کي بخشيون آهن. 13اسين اهي ڳالهيون ماڻهن جي ڏاهپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اهڙيءَ طرح اسين پاڪ روح جون ڳالهيون انهن کي سمجھايون ٿا، جن ۾ پاڪ روح رهي ٿو. 14پر جنهن ماڻهوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آهي، سو خدا جي پاڪ روح جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پاڪ روح جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون. 15جنهن ماڻهوءَ ۾ پاڪ روح رهي ٿو، سو سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انهيءَ پاڪ روح واري کي بنا پاڪ روح وارو ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي، 16#يس 40‏:13 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”ڪنهن خداوند جي عقل کي سمجھيو آهي،
جو کيس صلاح ڏيئي سگھي؟“
پر اسان کي تہ مسيح جو عقل مليل آهي.

اکنون انتخاب شده:

1.ڪرنٿين 2: SB

های‌لایت

کپی

مقایسه

به اشتراک گذاشتن

None

می خواهید نکات برجسته خود را در همه دستگاه های خود ذخیره کنید؟ برای ورودثبت نام کنید یا اگر ثبت نام کرده اید وارد شوید