1
1.ڪرنٿين 9:2
Sindhi Bible FB
SB
پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو خدا پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“
مقایسه
1.ڪرنٿين 2:9 را جستجو کنید
2
1.ڪرنٿين 14:2
پر جنهن ماڻهوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آهي، سو خدا جي پاڪ روح جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ بيوقوفي آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پاڪ روح جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.
1.ڪرنٿين 2:14 را جستجو کنید
3
1.ڪرنٿين 10:2
پر اسان تي خدا اهو پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح سڀني ڳالهين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالهين کي بہ معلوم ڪري ٿو وٺي.
1.ڪرنٿين 2:10 را جستجو کنید
4
1.ڪرنٿين 12:2
اسان کي دنياوي روح نہ، بلڪ خدا جي طرفان پاڪ روح مليل آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين انهن ڳالهين کي ڄاڻون جيڪي خدا اسان کي بخشيون آهن.
1.ڪرنٿين 2:12 را جستجو کنید
5
1.ڪرنٿين 4:2-5
منهنجي تقرير ۽ تبليغ ڏاهپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پاڪ روح جي قدرت سان يقين ڪرڻ جهڙيون ثابت ٿي پئي ويون، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهان جو ايمان ماڻهن جي ڏاهپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم هجي.
1.ڪرنٿين 2:4-5 را جستجو کنید