1
متي 4:4
Hindu Sindhi Bible
تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي جيوت نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا ايشور چوي ٿو.‘“
Lee anya n'etiti ihe abụọ
Nyochaa متي 4:4
2
متي 10:4
تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پرڀوءَ پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“
Nyochaa متي 4:10
3
متي 7:4
تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”پوِتر شاستر ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون پرڀوءَ پنهنجي ايشور کي نہ آزماءِ.‘“
Nyochaa متي 4:7
4
متي 1:4-2
پوءِ پوِتر آتما يسوع کي رڻپٽ ۾ وٺي ويو تہ جيئن شيطان کيس آزمائي. جيئن تہ يسوع چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون وِرت ۾ گذاريو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي هئي.
Nyochaa متي 4:1-2
5
متي 19:4-20
يسوع انهن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“ هو هڪدم پنهنجا ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا.
Nyochaa متي 4:19-20
6
متي 17:4
سو انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي سنديش جو پرچار ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“
Nyochaa متي 4:17
Ebe Mmepe Nke Mbụ Nke Ngwá
Akwụkwọ Nsọ
Atụmatụ Ihe Ogụgụ Gasị
Vidiyo Gasị