لوقا 13

13
توبھہ ڪر يا مر
1ان مھل ڪي ماڻھو آيا جن عيسيٰ کي انھن گليلين بابت ٻڌايو، جن جو رت گورنر پلاطس سندن قرباني ڪيل جانورن جي رت سان ملائي ڇڏيو ھو. 2تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھين سمجھو ٿا تہ اھي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڌيڪ گنھگار ھئا، تنھنڪري ھنن سا اھڙو ظلم ٿيو؟ 3آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آھي، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا. 4يا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ اھي ارڙھن ڄڻا، جن تي سيلوم شھر ۾ منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رھاڪن کان وڌيڪ گنھگار ھئا ڇا؟ 5آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ نہ، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.“
انجير نہ ڏيندڙ وڻ
6عيسيٰ انھن کي ھي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي انگورن جو باغ ھو جنھن ۾ انجير جو وڻ پوکيل ھو. سو ھو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر ھن ھڪ بہ نہ لڌو. 7تڏھن ھن مالھيءَ کي چيو تہ ’آءٌ ٽن سالن کان انھيءَ وڻ ۾ انجيرن لاءِ واجھائيندو رھيو آھيان پر ھڪ بہ نہ مليو اٿم. تنھنڪري ھن کي وڍي ڇڏ، ڇوجو ھروڀرو زمين سيڙايون بيٺو آھي.‘ 8مالھيءَ جواب ڏنو تہ ’سائين! ھن وڻ کي ھڪ سال ٻيو بہ ڇڏيو تہ آءٌ ھن جي ٻاھران چلھو کوٽيان ۽ ڀاڻ ڏيانس. 9جيڪڏھن پوءِ ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، ⁠نہ⁠تہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“
سبت جي ڏينھن ڪُٻي عورت کي شفا ڏيڻ
10ھڪڙي دفعي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادت⁠خاني ۾ ويٺي تعليم ڏني. 11اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن ۾ ارڙھن ورھين کان ھڪڙو ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ ڪمزور رھندي ھئي. تنھنڪري ھوءَ ڪُٻي ٿي ويئي ھئي ۽ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي ھئي. 12عيسيٰ جڏھن ھن کي ڏٺو تہ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو پنھنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“ 13عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ ھوءَ ھڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي. 14#خر ۹‏:۲۰‎–۱۰، شر ۱۳‏:۵‎–۱۴ پر عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ سبت جي ڏينھن بيمار کي شفا بخشي ھئي. تنھنڪري ھو ماڻھن کي چوڻ لڳو تہ ”ڇھہ ڏينھن آھن جن ۾ ڪم ڪرڻ روا آھي. انھن ڏينھن تي اچو ۽ شفا پايو پر سبت جي ڏينھن نہ اچو.“ 15خداوند کيس چيو تہ ”اي رياڪار! سبت جي ڏينھن ھر ڪو پنھنجي ڏاند يا گڏھہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آھي ڇا؟ 16تڏھن ھيءَ عورت جا ابراھيم جي اولاد مان آھي، جنھن کي شيطان ارڙھن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو ھو، تنھن کي سبت جي ڏينھن انھيءَ بندي⁠خاني کان ڇڏائڻ روا نہ ھو ڇا؟“ 17عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏھن تہ ھن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري ساري خلق خوش پئي ٿي.
سرنھن جي داڻي ۽ خميري جا مثال
(متي ۳۱‏:۱۳‎–۳۳، مرقس ۳۰‏:۴‎–۳۲)
18عيسيٰ پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت ڇا جي مثل آھي؟ ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟ 19اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جو ڪنھن ماڻھوءَ کڻي پنھنجي باغ ۾ پوکيو تہ اھو وڌي وڻ ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واھيرا ڪيا.“
20عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟ 21اھا خميري جي مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اچي جڏھن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو، تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“
سوڙھو دروازو
(متي ۱۳‏:۷‎–۱۴‏،۲۱‎–۲۳)
22جيئن عيسيٰ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر مان لنگھندو ۽ رستي ۾ تعليم ڏيندو يروشلم ڏانھن پئي ويو، 23تہ ڪنھن ماڻھوءَ پڇيس تہ ”اي خداوند! ڪن ٿورن کي ڇوٽڪارو ملندو ڇا؟“ ان کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ 24”سوڙھي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل⁠وجان سان ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.
25جڏھن گھر ڌڻيءَ ھڪ دفعو اٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوھين ٻاھر بيھي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ ھو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو.‘ 26تنھن تي اوھين کيس چوندا تہ ’اسان اوھان جي اڳيان کاڌو پيتو ۽ اوھين اسان جي گھٽين ۾ تعليم ڏيندا ھئا.‘ 27#زب ۸‏:۶ پر ھو وري اوھان کي چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو. اوھين مڙيئي بدڪار منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘ 28#مت ۱۳‏:۲۲، ۳۰‏:۲۵ #مت ۱۱‏:۸‎–۱۲ پوءِ جڏھن اوھين پاڻ کي ٻاھر ڌڪيل ۽ ابراھيم، اسحاق، يعقوب ۽ ٻين سڀني نبين کي خدا جي بادشاھت ۾ ڏسندءُ تہ روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ. 29ماڻھو اوڀر ۽ اولھہ، اتر ۽ ڏکڻ کان ايندا ۽ اچي خدا جي بادشاھت جي دعوت ۾ شريڪ ٿيندا. 30#مت ۳۰‏:۱۹، ۱۶‏:۲۰، مر ۳۱‏:۱۰ جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن، سي پويان ٿيندا.“
عيسيٰ جو يروشلم سان پيار
(متي ۳۷‏:۲۳‎–۳۹)
31ايتري ۾ فريسين عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ھتان نڪري ھليو وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيروديس بادشاھہ تنھنجي مارائڻ جي ڪڍ آھي.“ 32عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”وڃو ۽ انھيءَ لومڙ کي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينھن پنھنجو ڪم رسائي پورو ڪندس. 33پر تڏھن بہ آءٌ اڄ، سڀان ۽ پرينھن پنھنجو سفر جاري رکندس، ڇالاءِ⁠جو اھو غيرواجب آھي تہ ڪو نبي يروشلم کان ٻاھر قتل ڪيو وڃي.⁠⁠
34اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجن کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو. 35#زب ۲۶‏:۱۱۸، ير ۵‏:۲۲ ڏس، تنھنجو ھيڪل ويران ڪيو ويندو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين مون کي تيستائين نہ ڏسندا جيستائين ائين نہ چوندا تہ ’سڳورو آھي اھو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“

Выбрано:

لوقا 13: SCLNT

Выделить

Поделиться

Копировать

None

Хотите, чтобы то, что вы выделили, сохранялось на всех ваших устройствах? Зарегистрируйтесь или авторизуйтесь