لوقا 14
14
#جلندر جي بيمار: ھن بيماريءَ ۾ ماڻھوءَ جو پيٽ يا ٻيا عضوا سڄي ويندا آھن.جلندر جي بيمار کي شفا ڏيڻ
1ھڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي فريسين جي اڳواڻن مان ھڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو ۽ ھنن کيس چتائي چتائي پئي ڏٺو. 2سندس اڳيان ھڪڙو ماڻھو بيٺو ھو، جنھن کي جلندر جي بيماري ھئي. 3عيسيٰ شريعت جي عالمن ۽ فريسين کان پڇيو تہ ”سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“ 4پر اھي ماٺ ۾ رھيا. تڏھن عيسيٰ ان ماڻھوءَ کي ھٿ لاتو ۽ کيس چڱو ڀلو ڪري روانو ڪيو. 5#مت ۱۱:۱۲ پوءِ ھنن کي چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن جو پٽ يا ڏاند سبت جي ڏينھن کوھہ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اوھين کيس جلدي ٻاھر ڪڍندءُ يا نہ؟“ 6پر اھي ڪو جواب ڏيئي نہ سگھيا.
مھماننوازي ۽ نِوڙت
7جڏھن عيسيٰ ھي ڏٺو تہ مھمان مٿاھيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏھن انھن کي ھڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ 8#چوڻ ۶:۲۵–۷ ”جڏھن ڪو تو کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاھينءَ جاءِ تي نہ ويھہ، ٿي سگھي ٿو تہ تو کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني ھجيس. 9پوءِ جنھن اوھان ٻنھي کي شاديءَ جي دعوت ڏني ھجي، اھو تو وٽ اچي چوي تہ ’تون ھن ماڻھوءَ کي جاءِ ڏي،‘ تہ تو کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي ويھڻو پوندو. 10پر جڏھن بہ تو کي اھڙي دعوت ملي تہ سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي وڃي ويھہ، تہ جيئن ميزبان جنھن تو کي دعوت ڏني آھي اھو اچي پاڻ چويئي تہ ’ادا، مٿي اچي ويھہ،‘ تہ انھن جي اڳيان تنھنجي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ ويٺو ھئين. 11#مت ۱۲:۲۳، لو ۱۴:۱۸ ڇالاءِجو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ٿيندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
12پوءِ جنھن ماڻھوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني ھئي، تنھن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏھن بہ دعوت ڪرين، يا سڏ ڏئين تہ پنھنجن دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاھوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏي، ڇاڪاڻتہ متان اھي بہ تو کي دعوت ڏيئي پلئُہ پاڙي ڇڏين. 13پر جڏھن بہ تون مانيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن، ٽُنڊن ۽ انڌن کي ڪوٺ ڏج، 14تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇالاءِجو انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جنھن سان تنھنجو پلئُہ پاڙين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ملندو.“
وڏي دعوت جو مثال
(متي ۱:۲۲–۱۰)
15تڏھن مھمانن مان ھڪڙي اھي ڳالھيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آھي اُھو، جيڪو خدا جي بادشاھت ۾ ماني کائيندو.“ 16عيسيٰ ھن کي ٻڌايو تہ ”ڪنھن شخص ھڪ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ ڪيترن ئي ماڻھن کي سڏ ڏنائين. 17جڏھن ماني تيار ٿي ويئي تڏھن نوڪر کي موڪليائين تہ مھمانن کي چئُہ تہ اچن، جو ھاڻي ھر شيءِ تيار آھي. 18پر اھي سڀ ھڪٻئي پٺيان بھانا ڪرڻ لڳا. پھرين چيس تہ ’مون ٻني ورتي آھي ۽ مون کي اھا ضرور ڏسڻي آھي. سو مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘ 19ٻئي چيس تہ ’مون ڏاندن جا پنج جوڙا ورتا آھن ۽ انھن کي آزمائڻ ٿو وڃان. مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘ 20ٽئين چيس تہ ’مون نئين شادي ڪئي آھي، تنھنڪري آءٌ ڪونہ اچي سگھندس.‘ 21نوڪر موٽي اچي اھي سڀيئي ڳالھيون پنھنجي مالڪ کي ٻڌايون. پوءِ تہ گھر جو مالڪ اچي ڪاوڙيو، سو نوڪر کي چيائين تہ ’جلدي وڃ، شھر جي گھٽين ۽ بازارن مان غريبن، جڏن، انڌن ۽ منڊن ٽُنڊن کي وٺي اچ.‘ 22نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوھان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آھي.‘ 23تنھن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’سڙڪن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻھن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منھنجو گھر ڀرجي وڃي، 24ڇالاءِجو آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جن کي دعوت جو سڏ ڏنو ويو ھو انھن مان ڪوبہ شخص منھنجي ماني ڪين چکندو.‘“
شاگرد بڻجڻ جا شرط
(متي ۳۷:۱۰–۳۸)
25ماڻھن جا وڏا ميڙ عيسيٰ سان گڏ پئي ھليا. ھن ڦري کين چيو تہ 26#مت ۳۷:۱۰ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان اچڻ چاھي تہ اھو جيستائين منھنجي ڪري پنھنجي ماءُپيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پنھنجي جان جي بہ پرواھہ نہ ڪندو تيستائين ھو منھنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو. 27#مت ۳۸:۱۰، ۲۴:۱۶، مر ۳۴:۸، لو ۲۳:۹ جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو اچي سو منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي. 28اوھان مان جيڪو منارو ٺھرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اھو پھريائين ان خرچ جو ويھي اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ انھيءَ وٽ ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پيسو آھي يا نہ؟ 29ڇالاءِجو ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙھہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي تڏھن ڏسندڙ ٺٺوليون ڪري چونس تہ 30’ھن يار، اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘ 31يا اھو ڪھڙو بادشاھہ آھي جو جيڪڏھن ٻئي ڪنھن بادشاھہ سان جنگ جوٽڻ وڃي ۽ پھريائين ويھي ويچار نہ ڪري تہ ’ڇا منھنجو ھي ڏھن ھزارن جو لشڪر، انھن ويھہ ھزار چڙھائي ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگھندو يا نہ؟‘ 32ٻيءَ صورت ۾ ڪاھہ ڪندڙ اڃا پري ئي ھوندو تہ ھن ڏانھن ايلچي موڪلي صلح جا شرط پڇندس. 33سو اھڙيءَ طرح اوھان مان جنھن وٽ جو ڪجھہ آھي سو جيستائين اھو سڀ ڪجھہ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“
بيسوادي لوڻ
(متي ۱۳:۵، مرقس ۵۰:۹)
34”لوڻ تہ چڱو آھي، پر جيڪڏھن خود لوڻ مان ئي سواد نڪري وڃي تہ ان کي ڇا سان سوادي ڪجي؟ 35پوءِ تہ اھو نہ زمين جي ڪم جو ٿيو، نہ ڀاڻ ۾ ئي ڪم آيو، بلڪ اھو کڻي ٻاھر اڇلايو ويو. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“
Выбрано:
لوقا 14: SCLNT
Выделить
Поделиться
Копировать
Хотите, чтобы то, что вы выделили, сохранялось на всех ваших устройствах? Зарегистрируйтесь или авторизуйтесь
© 2009 Pakistan Bible Society