Mufananidzo weYouVersion
Mucherechedzo Wekutsvaka

پيدائش 13

13
ابرام ۽ لوط جي جدائي
1پوءِ ابرام پنهنجي زال ۽ پنهنجي مال ملڪيت سميت مصر مان نڪري ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي ڏانهن روانو ٿيو ۽ لوط بہ ساڻس گڏ هو. 2ابرام وٽ چوپايو مال، سون ۽ چاندي گھڻو هو. 3هو ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي کان هلندو بيت‌ايل ڏانهن وڌي آيو ۽ بيت‌ايل ۽ عئي ٻنهي شهرن جي وچ تي انهيءَ هنڌ اچي پهتو جتي پهريائين تنبو کوڙيو هئائين. 4انهيءَ جاءِ تي اڳي هن قربان‌گاهہ بہ ٺاهي هئي. اتي هن خداوند جي عبادت ڪئي.
5 لوط کي بہ رڍون، ٻڪريون، چوپايو مال ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ نوڪرن چاڪرن لاءِ تنبو هئا. 6انهيءَ علائقي ۾ چاري لاءِ ايتري زمين ڪانہ هئي جو هو ٻئي گڏ رهي سگھن، ڇاڪاڻ تہ وٽن مال گھڻو هو. 7سو ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ اڪثر ڪري جھيڙو ٿيندو رهندو هو. انهيءَ وقت هن علائقي ۾ ڪنعاني ۽ فرزي پڻ رهندا هئا.
8پوءِ ابرام لوط کي چيو تہ ”اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، تنهنجي ۽ منهنجي ڌنارن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ نہ گھرجي. 9سو اچ تہ ڌار ٿيون. سڄو ملڪ تنهنجي سامهون آهي، ان جو ڪوبہ حصو تون چونڊ. جيڪڏهن تون کاٻو پاسو کڻين تہ آءٌ ساڄو پاسو کڻندس. پر جيڪڏهن تون ساڄو پاسو کڻين تہ آءٌ کاٻو پاسو کڻندس.“ 10#پيد 2‏:10 تڏهن لوط چوگرد نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان جيڪو صغر شهر تائين آهي، تنهن کي مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي #13‏:10 باغ عدن جي باغ ڏانهن اشارو آهي (ڏسو پيدائش 2‏:6‏،10).باغ وانگر ريج ڏنل هو. اها اُها ئي جاءِ هئي جيڪا خداوند جي سدوم ۽ عموراہ کي برباد ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي. 11تنهنڪري لوط پنهنجي لاءِ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان چونڊيو ۽ اوڀر طرف هليو ويو. اهڙيءَ طرح هو هڪٻئي کان ڌار ٿيا. 12ابرام ڪنعان جي ملڪ ۾ رهي پيو ۽ لوط ميدان جي شهرن ۾ وڃي رهيو ۽ سدوم جي ويجھو پنهنجو تنبو کوڙيائين. 13سدوم شهر جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ بدڪار ۽ وڏا گنهگار هئا.
ابرام جو حبرون ڏانهن وڃڻ
14 لوط جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ، خداوند ابرام کي چيو تہ ”جتي تون بيٺو آهين اتان چئني طرفن ڏانهن نهار. 15#رس 7‏:5جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو سو سمورو آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ اهو هميشہ لاءِ اوهان جي ملڪيت هوندو. 16آءٌ تو کي ايترو تہ اولاد ڏيندس جو واريءَ جي ذرڙن وانگر ڪوبہ انهن کي ڳڻي نہ سگھندو. 17هاڻي اُٿ ۽ سڄي زمين گھمي ڏس، ڇوجو آءٌ اها سموري تو کي ڏيندس.“ 18سو ابرام پنهنجو تنبو کڻي ممريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ويجھو اچي رهيو، جيڪي حبرون ۾ آهن. هن اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي.

Zvasarudzwa nguva ino

پيدائش 13: MSB

Sarudza vhesi

Pakurirana nevamwe

Sarudza zvinyorwa izvi

None

Unoda kuti zviratidziro zvako zvichengetedzwe pamidziyo yako yose? Nyoresa kana kuti pinda