پوءِ هو کيس هڪڙي مٿانهينءَ جاءِ تي وٺي ويو، ۽ هڪ پل ۾ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون ڏيکاريائينس. ۽ شيطان چيس، تہ هيءَ سموري اختياري ۽ اُنهن جي وڏائي آئون توکي ڏيندس، ڇالاءِ جو اُها مون کي سونپيل آهي: ۽ جنهن کي وڻيم تنهن کي ٿو ڏيان. سو جي تون منهنجي اڳيان سجدو ڪرين تہ هيءُ سڀ تنهنجو ٿيندو. يسوع وراڻي ڏيئي چيس تہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي ئي جي عبادت ڪر.“